اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان بحرين جي گهرو وزير جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه ملاقات ڪئي ۽ بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت …
صدر آصف علي زرداري سان بحرين جي گهرو وزير جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه جي ملاقات
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان بحرين جي گهرو وزير جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه ملاقات ڪئي ۽ بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان بحرين سان ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويزا فري معاهدي سميت موجوده تعاون کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي، اميگريشن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي خاتمي ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏنو. صدر بحرين ۾ پاڪستاني پروفيشنلز ۽ ورڪ فورس جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته ويزا سسٽمز کي جديد بڻائڻ ۽ ڊيجيٽل سهولتون متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صدر بحرين جي گهرو وزارت جي آفيسرن کي اسلام آباد جي دوري جي دعوت ڏني. بحرين جي گهرو وزير جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه صدر کي بحرين جي قيادت ۽ عوام جون نيڪ خواهشون پهچايون. بحريني گهرو وزير پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.












