تهران _ 25 آگسٽ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪا سان جاري معاملا حل ٿيڻ جوڳا ناهن ۽ آمريڪي مطالبن تي نه جهڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايراني پروگرام بابت ڳالهيون رڪاوٽ جو شڪار آهن جڏهن ته ايران آمريڪا جي دٻاءَ اچڻ لاءِ تيار ناهي . هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران کي پنهنجي ماتحت ڏسڻ چاهي …
آمريڪي مطالبن تي نه جهڪنداسين: ايران

مزید خبریں
تهران _ 25 آگسٽ (اي پي پي) ايران چيو آهي ته آمريڪا سان جاري معاملا حل ٿيڻ جوڳا ناهن ۽ آمريڪي مطالبن تي نه جهڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايراني پروگرام بابت ڳالهيون رڪاوٽ جو شڪار آهن جڏهن ته ايران آمريڪا جي دٻاءَ اچڻ لاءِ تيار ناهي . هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران کي پنهنجي ماتحت ڏسڻ چاهي ٿو. اهڙين غلط اميدين خلاف ايراني قوم پنهنجي حڪومت سان گڏ بيٺل هوندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو آمريڪا سان سڌي ريت ڳالهين لاءِ اسان کي چون ٿا ته اسان آمريڪا خلاف نعرا بلند نه ڪيون، اهي ظاهري منظر ڏسي رهيا آهن . اهو معاملو حل نه ٿيڻ وارو آهي.











