واشنگٽن -25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميري لينڊ جي گورنر ويس مور سان تڪرار کان پوءِ بالٽي مور شهر ۾ نيشنل گارڊز جي مقرري وڌائڻ جي ڌمڪي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان ۾ چيو آهي، ته ويس مور جو ڏوهن جي حوالي سان رڪارڊ تمام خراب آهي، اتي ٻين بليو اسٽيٽس وانگر ڏوهن جي انگ ۾ ڦير ڦار ڪئي ويندي …
ميري لينڊ جي گورنر سان تڪرار، آمريڪي صدر پاران بالٽي مور ۾ نيشنل گارڊز جي مقرري وڌائڻ جي ڌمڪي

مزید خبریں
واشنگٽن -25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميري لينڊ جي گورنر ويس مور سان تڪرار کان پوءِ بالٽي مور شهر ۾ نيشنل گارڊز جي مقرري وڌائڻ جي ڌمڪي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان ۾ چيو آهي، ته ويس مور جو ڏوهن جي حوالي سان رڪارڊ تمام خراب آهي، اتي ٻين بليو اسٽيٽس وانگر ڏوهن جي انگ ۾ ڦير ڦار ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ويس مور کي مدد گهرجي ته مان فوجي موڪلي ڏيندس، جيئن ويجهڙائي ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪيو پيو وڃي، اهڙي ريت تيزي سان ڏوهن تي ضابطو آندو ويندو. ٽرمپ اهي رمارڪس ميري لينڊ جي گورنر طرفان ان تازي آڇ جي جواب ۾ ڏنا جنهن ۾ هن چيو هو ته ٽرمپ ميري لينڊ جي گهٽين ۾ هلي عوامي تحفظ تي ڳالهائي سگهي ٿو. ٽرپ ان آڇ کي اڻوڻندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ لهجو قرار ڏنو.











