ابوظهبي -25 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي ڪامياب ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ روس ۽ يوڪرين 292 جنگي قيدين جي مٽاسٽا ڪئي آهي. اهڙي ريت آزاد ٿيل جنگي قيدين جو تعداد 4614 ٿي ويو آهي. امارات جي پرڏيهي وزارت موجب گڏيل عرب امارتن جي ڪوششن سان روس ۽ يوڪرين هڪ ٻئي جا 146-146 قيدي آزاد ڪيا آهن، جنهن کان پوءِ اسان جي ٽياڪڙي ۾ آزاد ٿيل جنگي قيدين …
گڏيل عرب امارتن جي ڪامياب ٽياڪڙي، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ وڌيڪ 292 جنگي قيدين جي مٽاسٽا

مزید خبریں
ابوظهبي -25 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي ڪامياب ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ روس ۽ يوڪرين 292 جنگي قيدين جي مٽاسٽا ڪئي آهي. اهڙي ريت آزاد ٿيل جنگي قيدين جو تعداد 4614 ٿي ويو آهي. امارات جي پرڏيهي وزارت موجب گڏيل عرب امارتن جي ڪوششن سان روس ۽ يوڪرين هڪ ٻئي جا 146-146 قيدي آزاد ڪيا آهن، جنهن کان پوءِ اسان جي ٽياڪڙي ۾ آزاد ٿيل جنگي قيدين جو تعداد وڌي 4614 ٿي ويو آهي. يو اي اي جي پرڏيهي وزارت ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ ٻنهي ڌرين پاران سهڪار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. وزارت چيو آهي، ته 17هين ٽياڪڙي جي ڪاميابي ٻنهي ڌرين پاران يو اي اي تي اعتماد جو اظهار آهي، اسان جو ملڪ تڪرار جي خاتمي ۽ بحران جي نتيجي ۾ ٿيل انساني نقصان کي گهٽائڻ لاءِ پرعزم آهي.











