برسلز -25 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين سمنڊن ۽ آبي ذخيرن جي بحالي لاءِ 116 ملين يورو جي خرچ سان 13 نون منصوبن جي منظوري ڏني آهي، اهي منصوبا يورپي مشن ”اوشن اينڊ واٽرز“ تحت مختلف سامونڊي خطن ۾ شروع ڪيا ويندا.يورپي يونين موجب منصوبن ۾ سامونڊي علائقن جو تحفظ، ڊينيوب ۾ مائيگريٽري مڇين جي پناهه گاهن جي بحالي، ماهيگيري سان سامونڊي جيوت تي نقصانڪار اثرن کي گهٽائڻ، سامونڊي …
يورپي يونين پاران سمنڊن ۽ آبي ذخيرن جي بحالي لاءِ 116 ملين يورو جي سيڙپڪاري جو اعلان

مزید خبریں
برسلز -25 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين سمنڊن ۽ آبي ذخيرن جي بحالي لاءِ 116 ملين يورو جي خرچ سان 13 نون منصوبن جي منظوري ڏني آهي، اهي منصوبا يورپي مشن ”اوشن اينڊ واٽرز“ تحت مختلف سامونڊي خطن ۾ شروع ڪيا ويندا.يورپي يونين موجب منصوبن ۾ سامونڊي علائقن جو تحفظ، ڊينيوب ۾ مائيگريٽري مڇين جي پناهه گاهن جي بحالي، ماهيگيري سان سامونڊي جيوت تي نقصانڪار اثرن کي گهٽائڻ، سامونڊي تحقيق ۾ شهرين کي شامل ڪرڻ ۽ ڊجيٽل اوشين ٽوئن جهڙا قدم شامل آهن. يورپي يونين موجب سيڙپڪاري، سمنڊن جي صحت جي بحالي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پائيدار مستقبل کي يقيني بڻائڻ ڏانهن اهم قدم آهي.











