واشنگٽن-20 آگسٽ (اي پي پي) وائيٽ هائوس ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو باضابطه اڪائونٽ لانچ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اڪائونٽ جي پهرين وڊيو گذريل ڏينهن ٻنپهرن جو پوسٽ ڪئي وئي، 27 سيڪنڊ جو هڪ ڪلپ جنهن ۾ ٽرمپ کي هلندڙ ۽ پنهنجي حامين سان ملاقات ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته بيڪ گرائونڊ ۾ ان جي 2016ع جي ريپبلڪ نيشنل ڪنوينشن جي نامزدگي تقرير جي آڊيو هلي رهي آهي. وڊيو …
وائيٽ هائوس ٽڪ ٽاڪ تي باضابطا اڪائونٽ لانچ ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن-20 آگسٽ (اي پي پي) وائيٽ هائوس ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو باضابطه اڪائونٽ لانچ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب اڪائونٽ جي پهرين وڊيو گذريل ڏينهن ٻنپهرن جو پوسٽ ڪئي وئي، 27 سيڪنڊ جو هڪ ڪلپ جنهن ۾ ٽرمپ کي هلندڙ ۽ پنهنجي حامين سان ملاقات ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته بيڪ گرائونڊ ۾ ان جي 2016ع جي ريپبلڪ نيشنل ڪنوينشن جي نامزدگي تقرير جي آڊيو هلي رهي آهي. وڊيو جاري ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي ان اڪائونٽ کي 57 هزار کان وڌيڪ فالورز فالو ڪيو، جڏهن ته اهو ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ گذريل سال پنهنجي صدارتي مهم دوران استعمال ڪيو هو، ان جي فالورز جو انگ هڪ ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ آهي.











