افغانستان ۾ ٽريفڪ حادثو، 79 ماڻهو اجل جو شڪار

ڪابل _ 20 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي اولهه صوبي هرات ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 79 مسافر فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هرات ريسڪيو ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ٻڌايو ته حادثو  هرات ۽ ڪابل کي ملائيندڙ هاءِ وي تي پيش آيو. هرات صوبي جي ترجمان محمد يوسف سعيدي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ سمورا سوار ماڻهو پناهگير هئا جيڪي اسلام قلعه …

ڪابل _ 20 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي اولهه صوبي هرات ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 79 مسافر فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هرات ريسڪيو ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ٻڌايو ته حادثو  هرات ۽ ڪابل کي ملائيندڙ هاءِ وي تي پيش آيو. هرات صوبي جي ترجمان محمد يوسف سعيدي ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ سمورا سوار ماڻهو پناهگير هئا جيڪي اسلام قلعه بندرگاهه کان روانا ٿيا. هرات پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. ان کان اڳ هرات ۾ طالبان حڪومت جي اطلاعات ۽ ثقافت جي سربراهه احمد الله متقي پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ايران کان واپس ايندڙ پناهگيرن کي کڻي ايندڙ بس هڪ موٽرسائيڪل ۽ پوءِ ٻارڻ کڻي ويندڙ هڪ گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. هن ٻڌايو ته ان ٽڪراءُ کانپوءِ گاڏين ۾ باهه لڳي وئي جنهن سان بس ۾ سوار سمورا مسافر فوت ٿي ويا جن ۾ 17 ٻار به شامل آهن. هن چيو ته ٻي گاڏي ۾ سوار ٻه ماڻهو به فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.