ناسا پاران يورينس جو 29 هون چنڊ دريافت ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن _ 20 آگسٽ (اي پي پي ) آمريڪي خلائي اداري ناسا اعلان ڪيو آهي ته جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ سياره يورينس جي چوڌاري هڪ چنڊ دريافت ڪيو آهي ، جيڪو 29 هون چنڊ آهي ۽ ان کي ايس 2025 يو ون جو نالو ڏنو ويو آهي ، پرڏيهي ميڊيا ناسا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته  ان سان گڏ ويسٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٽيم …

واشنگٽن _ 20 آگسٽ (اي پي پي ) آمريڪي خلائي اداري ناسا اعلان ڪيو آهي ته جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ سياره يورينس جي چوڌاري هڪ چنڊ دريافت ڪيو آهي ، جيڪو 29 هون چنڊ آهي ۽ ان کي ايس 2025 يو ون جو نالو ڏنو ويو آهي ، پرڏيهي ميڊيا ناسا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته  ان سان گڏ ويسٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٽيم اهو نئون چنڊ 2 فيبروري 2025ع تي ويب ٽيلي اسڪوپ جي مشاهداتي مهم دوران دريافت ڪيو جنهن سان يورينس جي معلوم چنڊ جو انگ 29 ٿي ويو آهي . ان نئين چنڊ جو قطر رڳو 10 ڪلو ميٽر آهي ۽ ان جي گهٽ جسامت سبب وائيجر 2 اسپيس ڪرافت مشاهدي دوران  نظر نه اچي سگهيو. سائوٿ ويسٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي سولر سسٽم سائنس اينڊ ايسپلوريشن ڊويزن جي سائنسدان ميريام ايل موتا ميد چيو ته اهو هڪ ننڍو چنڊ آهي پر هڪ اهم دريافت آهي ، جنهن کي ناسا جو وائيجر 2 به اٽڪل 40 کان اڳ پنهنجي فلائي بائي دوران ڏسڻ ۾ ناڪام رهيو ، ايس  2025 يو ون يورينس جي چوڌاري اٽڪل 56،000 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي مدار ۾ گردش ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ايندڙ ڪنهن مرحلي تي باضابط نالو ڏنو ويندو .