گلگت -16 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلگت بلتستان جي گورنر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. وڏي وزير گلگت بلتستان ۾ هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ نقصانن ۽ انساني قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سنڌ حڪومت گلگت بلتستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. گلگت بلتستان جي گورنر جي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران گلگت بلتستان جي گورنر سان ٽيليفونڪ رابطو
گلگت -16 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلگت بلتستان جي گورنر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. وڏي وزير گلگت بلتستان ۾ هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ نقصانن ۽ انساني قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سنڌ حڪومت گلگت بلتستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. گلگت بلتستان جي گورنر جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب سيد مهدي شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلد گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ متاث علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.











