امام حسين عليه السلام حق جي رستي ۾ باطل جي سامهون ڪنڌ نه جهڪايو، سندس قرباني هميشه دنيا ۾ امن، اتحاد ۽ ڀائپي جو پيغام ڏيندي رهندي: ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حضرت امام حسين عليه السلام جي چاليهي جي موقعي تي ڪراچي ۾ برآمد ٿيل مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عزادارن سان گڏ مرڪزي جلوس جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به موجود هو. گورنرڪامران خان ٽيسوري جلوس ۾ عزادارن سان نه فقط شريڪ رهيو پر عزادارن ۾ پنهنجي …

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حضرت امام حسين عليه السلام جي چاليهي جي موقعي تي ڪراچي ۾ برآمد ٿيل مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عزادارن سان گڏ مرڪزي جلوس جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به موجود هو. گورنرڪامران خان ٽيسوري جلوس ۾ عزادارن سان نه فقط شريڪ رهيو پر عزادارن ۾ پنهنجي هٿن سان شربت، چانهه ۽ برياني به ورهائي. جلوس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر  امام حسين عليه السلام جي عظيم قرباني کي انسانيت لاءِ معشل راهه قرار ڏنو. هن چيو ته امام حسين عليه السلام حق جي رستي ۾ باطل جي سامهون ڪنڌ نه جهڪايو. سندس قرباني هميشه دنيا ۾ امن ،اتحاد ۽ ڀائپي جو پيغام ڏيندي رهندي. گورنر وڌيڪ چيو ته زندگي کي امام حسين عليه السلام جي تعليم موجب اختيار ڪرڻ ئي حقيقي ڪاميابي آهي.