ڪربلا جو واقعو صبر، حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ ثابت قدمي جي هڪ لازوال علامت آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امام حسينؓ جي اربعين (چاليھي) جي موقعي تي ان ڏينهن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪو وفاداري، قرباني ۽ ياد جو ڏينهن آهي. وڏي وزير امام حسينؓ جي حق ۽ انصاف لاءِ لازوال جدوجهد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪربلا جو واقعو صبر ۽ حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ ثابت قدمي جي هڪ لازوال علامت آهي. …

ڪراچي-15 آگسٽ (اي پي پي) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امام حسينؓ جي اربعين (چاليھي) جي موقعي تي ان ڏينهن جي اهميت تي روشني وڌي جيڪو وفاداري، قرباني ۽ ياد جو ڏينهن آهي. وڏي وزير امام حسينؓ جي حق ۽ انصاف لاءِ لازوال جدوجهد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪربلا جو واقعو صبر ۽ حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ ثابت قدمي جي هڪ لازوال علامت آهي. هن چيوته امام حسينؓ جو پيغام انسانيت کي ظلم ۽ ناحق خلاف ثابت قدم رھڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ان موقعي تي هن جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ مڪمل سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاھ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازو ڪڪر ڦاٽڻ ۽ اوچتي ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو. هن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ گڏيل قومي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور  ڀريو ۽ چيو ته سنڌ جو عوام متاثر علائقن سان مڪمل گڏ بيٺل آهي. وڏي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سڀني پوئينرن کي صبر، همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.