سنڌ جي وڏي وزير پاران جشنِ آزاديءَ جي موقعي تي پاڪستان جي باني قائداعظ محمدعلي جناح جي مزار تي حاضري، فاتحه خواني ڪئي

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني، جتي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. بعد ۾ هن پاڪستان جي …

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني، جتي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. بعد ۾ هن پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر لکيا. دوري دوران، سيد مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي اسڪول جي ٻارن ۽ موجود عوام سان ملاقات ڪئي، جن سندس شاندار نعرن سان استقبال ڪيو. آزادي جي ڏينهن جي تقريب قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿي، اسڪول جي ٻارن قومي ترانو پيش ڪيو ۽ قومي گيت ڳايا. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. گارڊ آف آنر کان پوءِ، سنڌ جي وڏي وزير دورو ختم ڪيو ۽ مزار کان روانو ٿيو.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي آزادي جي ڏھاڙي جي موقعي تي قوم کي سندس پيغام ۾ چيو ته 14 آگسٽ خوشي جو ڏينهن آهي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ اتحاد جي تجديد ڪرڻ جو ڏھاڙو آهي.هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو درس اڃا تائين روشنيءَ جيان آھي، اسان قائداعظم جي ‘ڪم، ڪم ۽ رڳو ڪم’ واري اصول تي يقين رکون ٿا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هميشه قومي اتحاد، رواداري ۽ هم آهنگي جو علمبردار رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن مسلسل ڀائيچاري، رواداري، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي قدرن کي قبول ڪيو آهي. هن شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن قربانيون پوري قوم لاءِ فخر ۽ روشني جو مينار آهن. وڏي وزير سڀني شهرين تي زور ڏنو ته هو دهشتگردي، غربت ۽ جهالت جي خلاف مضبوط موقف اختيار ڪن، زور ڀريو ته اتحاد ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سالميت لاءِ ضروري آهي. هن پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو ته تعليم، صحت، روزگار ۽ زراعت تي خاص ڌيان ڏيندي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وڏي وزير چيو ته هر شهري لاءِ برابر موقعا يقيني بڻائڻ اسان جو مشن آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت پاڪستان کي هڪ جديد، پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ محنت ڪري رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آزادي جي ڏينهن تي سڄي قوم کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي دعا ڪئي تھ رب ڪائنات سنڌ ۽ پاڪستان کي حفاظت ۾ رکي، ترقي ۽ ڪاميابيون عطا فرمائي.