آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام پاران حيدرآباد ۽ ڄامشورو جو دورو، تعليم، جدت ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ پاڪ – آمريڪا ڀائيواري تي زور

حيدرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام 11 ۽ 12 آگسٽ تي حيدرآباد ۽ ڄامشورو جو سرڪاري دورو مڪمل ڪيو، جنهن دوران هن مقامي عملدارن، سماجي اڳواڻن، نوجوانن، صحافين ۽ ڪاروباري برادري جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون. هن دوري دوران آمريڪا-پاڪستان جي پائيدار ڀائيواري کي اجاگر ڪيو ويو ۽ گڏيل ترجيحن تي زور ڏنو ويو، جن ۾ تعليمي اڳڀرائي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي شامل آهن. گذريل ڏينهن …

حيدرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربام 11 ۽ 12 آگسٽ تي حيدرآباد ۽ ڄامشورو جو سرڪاري دورو مڪمل ڪيو، جنهن دوران هن مقامي عملدارن، سماجي اڳواڻن، نوجوانن، صحافين ۽ ڪاروباري برادري جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون. هن دوري دوران آمريڪا-پاڪستان جي پائيدار ڀائيواري کي اجاگر ڪيو ويو ۽ گڏيل ترجيحن تي زور ڏنو ويو، جن ۾ تعليمي اڳڀرائي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي شامل آهن. گذريل ڏينهن جاري هڪ بيان موجب ان  دوري دوران اسڪاٽ اربام مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (ايم يو اي ٽي) ۾ قائم آمريڪا-پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر (يو ايس پي سي اي ايس-ڊبليو) جو دورو ڪيو.

آمريڪي حڪومت 2014ع ۾ يو ايس ايڊ ذريعي، 1 ڪروڙ 20 لک ڊالر جي سيڙپڪاري سان هي مرڪز قائم ڪيو ۽ 1 ڪروڙ ڊالر آمريڪي يونيورسٽي آف يوٽا سان ڀائيواري لاءِ ڏنا ته جيئن مهراڻ يونيورسٽي جون صلاحيتون وڌائي سگهجن. هي مرڪز پاڪستان کي پيش پاڻيءَ سان لاڳاپيل اهم چئلينجن جي حل لاءِ عملي تحقيق، ڪميونٽي حل جي تياري، عوامي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ ۽ صلاحيت وڌائڻ تي ڪم ڪري ٿو. تازو، هن سينٽر آمريڪي فنڊ سان هلندڙ "واٽر گورننس فار سنڌ” سرگرمي ۾ حصو ورتو، جيڪو بلدياتي ۽ صوبي جي سطح تي پاڻي جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پاڻي ۽ صفائي جون خدمتون بهتر ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ پائيدار ماحولياتي عمل کي هٿي ڏيڻ بابت ڪم ڪري ٿو. هن مرڪز 250 اسڪالرشپون پڻ ڏنيون آهن جن مان 87 صرف عورتن لاءِ ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ هيون. قونصل جنرل اربام هن مرڪز کي آمريڪا-پاڪستان جي پائيدار تعاون جو هڪ ٺهڪندڙ مثال قرار ڏنو ۽ اهڙن منصوبن جهڙوڪ جيڪب آباد ۾ بلدياتي عملي کي ڪچرو الڳ ڪرڻ، ري سائيڪلنگ ۽ ڀاڻ ٺاهڻ جي تربيت ڏيڻ کي ساراهيو. هي مرڪز ايندڙ نسلن کي پاڻي ۽ ماحولياتي چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ مهارتون منتقل ڪري ٿو ۽ پاڪستاني علمي حلقن، سرڪاري عملدارن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن کي آمريڪي ماهرن سان ڳنڍي ٿو.اسڪاٽ اربام الفتح آئل انڊسٽريز جي انتظاميا سان به ملاقات ڪئي، جيڪا آمريڪي سويا بين گهرائي جانورن جي خوراڪ ۽ کاڄرو تيل تيار ڪري ٿي. پولٽري فيڊ ٺاهيندڙن ان موقعي تي آمريڪي سويا بين کي ترجيح ڏيڻ جو سبب ان جي اعليٰ غذائي معيار کي قرار ڏنو. انهن ٻڌايو ته معياري خوراڪ پولٽري جي پيداوار جي خرچن کي گهٽائي ٿي، جنهن سان پاڪستان ۾ ڪڪڙ ۽ آنا وڌيڪ سستا ۽ غذائيت سان ڀرپور ٿين ٿا. قونصل جنرل اربام پيپلز اسڪول ڄامشورو ۾ انگلش ايڪسيس اسڪالرشپ پروگرام جي راندين جي ڏهاڙي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪي حڪومت جو ايڪسيس پروگرام پاڪستاني نوجوانن جي انگريزي ٻوليءَ جي مهارتن ۽ اڳواڻي وارين صلاحيتن کي ثقافتي ڏي وٺ ۽ ڪميونٽي سرگرمين ذريعي مضبوط بڻائي ٿو. ان موقعي تي قونصل جنرل شاگردن سان گڏ ميدان ۾ رانديون کيڏيون، انهن کان ڪرڪيٽ جا ٽوٽڪا سکيا ۽ بدلي ۾ انهن کي ٽائيڪوانڊو جا ڪجهه داءُ پڻ سيکاريا. ان موقعي تي قونصل جنرل اربام چيو ته "ايڪسيس پروگرام نوجوانن کي موقعا، اعتماد ۽ دنيا کي ڏسڻ جو نظريو ڏئي ٿو.”اسڪاٽ اربام نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (اين آءِ سي) حيدرآباد جو به دورو ڪيو، جتي هن آمريڪي لنڪن ڪارَنر جي ميزباني هيٺ "ميٽ دي يو ايس ڊپلوميٽس” تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آمريڪي سفارتڪار ٽيريل واڪر ۽ ريوا گپتا به اربام سان گڏ نوجوان اڳواڻن سان مليا، پنهنجي سفارتي سفر بابت ڳالهيون ڪيون ۽ عالمي سطح تي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي تعمير ۾ نوجوانن جي شموليت جي اهميت تي زور ڀريو. ان کان علاوه، قونصل جنرل اربام مهراڻ يونيورسٽي جي ريڊيو شو ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ صحافين سان ملاقات ڪئي جتي آمريڪا-پاڪستان ڀائيواري بابت مختلف رخن تي ڳالهھ ٻولهھ ڪئي وئي. قونصل جنرل جو هي دورو تعليم، نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۽ پائيدار ترقي ۾ آمريڪا-پاڪستان تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ مضبوط لاڳاپا ۽ نون موقعن جا در کوليندو.