سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان شروع ڪيل خصوصي آزادي ٽرين ڪراچي کان حيدرآباد ريلوي اسٽيشن پهتي، اي ڊي سي ون صبا ڪلوڙ پاران مسافرن جي آجيان، گلدستا پيش

حيدرآباد-13آگسٽ (اي پي پي)سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان شروع ڪيل خصوصي آزادي ٽرين ڪراچي کان حيدرآباد ريلوي اسٽيشن پهتي ته اي ڊي سي ون صبا ڪلوڙ مسافرن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کين گلدسته پيش ڪيا.ٽرين کي قومي جهنڊن ۽ تحريڪ آزادي جي بينرن سان سجايو ويو هو. آزادي خصوصي ٽرين ۾ 100 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جن ۾ شوبز جون شخصيتون، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل …

حيدرآباد-13آگسٽ (اي پي پي)سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان شروع ڪيل خصوصي آزادي ٽرين ڪراچي کان حيدرآباد ريلوي اسٽيشن پهتي ته اي ڊي سي ون صبا ڪلوڙ مسافرن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کين گلدسته پيش ڪيا.ٽرين کي قومي جهنڊن ۽ تحريڪ آزادي جي بينرن سان سجايو ويو هو. آزادي خصوصي ٽرين ۾ 100 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جن ۾ شوبز جون شخصيتون، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهو شامل هئا. اها ٽرين مخلتف شهرن کان ٿيندي ٿرپارڪر جي زيرو پوائنٽ تائين ويندي.