ڪراچي-12 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته واپاري برادري ۽ عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ صدر آصف علي علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جون به ڀرپور ڪوششون شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان بزنس فورم طرفان منعقد ڪيل …
واپاري برادري ۽ عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ صدر آصف علي علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي: سيد ناصر حسين شاهه
ڪراچي-12 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته واپاري برادري ۽ عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ صدر آصف علي علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جون به ڀرپور ڪوششون شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان بزنس فورم طرفان منعقد ڪيل "ملٽي اسٽيڪ هولڊرز ڪانفرنس آن ڪامپيٽيٽو اليڪٽرڪ مارڪيٽ ان پاڪستان” ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايس ٽي ڊي سي (سندھ ٽرانسميشن اينڊ ڊيسپيچ ڪمپني) ۽ سيپرا (سندھ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي) سستي بجلي جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ڪراچي جي صنعتن ۽ رهواسين کي سيپرا تحت فراهم ڪيل بجلي جا ريٽ ڪي-اليڪٽرڪ جي ريٽ کان ڪافي گهٽ هوندا. اها بجلي سنڌ ۾ تيار ٿي ايس ٽي ڊي سي ذريعي منتقل ڪئي ويندي، جنهن جا ريٽ نيپرا جي ٽيرف سان ڳنڍيل نه هوندا پر سنڌ حڪومت پاڻ طئي ڪندي. ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته سيپرا ۾ عملي جي ڀرتي ٿي چڪي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن مهيني جاري ٿي ويندو. اسان جو ڌيان اڪنامڪ زونز تي آهي ۽ ڪوشش آهي ته سيپرا تحت پهرين بجلي جي فراهمي ڪي-فور منصوبي جي گرڊ کي ڏني وڃي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي کان سيپرا کي آئيني طور منظور ڪرايو ويو آهي ۽ ڪراچي جا شهري به هن نظام مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، پر بجلي فراهمي نظام ايس ٽي ڊي سي وٽ هجڻ ضروري آهي.صوبائي وزير چيو ته مهانگي بجلي کان ستايل شهرين لاءِ هي هڪ وڏي خوشخبري آهي، ڇو ته هائبرڊ پارڪس جي قيام سان بجلي جي ريٽن ۾ گهٽتائي ايندي. سنڌ حڪومت ٻين ملڪن جي ماڊلز کي نظر ۾ رکي توانائي جي مسئلن جي حل تي ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز جي مهانگي ڪيپيسٽي چارجز جو حل وڌ کان وڌ صنعت قائم ڪرڻ ۾ آهي، ڇو ته رقم ته ادا ڪرڻي آهي پر ساڳئي وقت معاشي ترقي به ٿيڻ گهرجي. هن مقصد لاءِ ڪيترن آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ به ٿيندي، جنهن سان عام صارفين کي رليف ملندو. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي-اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي، وفاق جا ٽي ڊائريڪٽر آهن. اسان وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ نمائندو وفاق جو هجي ۽ باقي ٻه سنڌ جا هجن. سنڌ حڪومت ڪي-اليڪٽرڪ کي سولر پارڪس ذريعي سستي بجلي ڏيڻ جو معاهدو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جڏهن سولر مان بجلي پيدا ٿي رهي هجي ته مهانگي تيل سان ٺھندڙ بجلي نه ورتي وڃي.











