حيدرآباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي زراعت، تحقيق ۽ فوڊ سائنس سان لاڳاپيل ماهرن ملڪ جي خوراڪ جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وبا کان پوءِ پاڪستان ۾ ٻارن ۽ عورتن ۾ غذائي کوٽ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته موسمي تبديلين جا اثر خوراڪ جي ذريعن کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ماھرن موجب ملڪ جي 82.8 سيڪڙو آبادي …
ملڪ جي زراعت، تحقيق ۽ فوڊ سائنس سان لاڳاپيل ماهرن پاران ملڪ جي خوراڪ جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظھار، ڪورونا وبا کان پوءِ پاڪستان ۾ ٻارن ۽ عورتن ۾ غذائي کوٽ ۾ وڌيڪ اضافو رڪارڊ
حيدرآباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي زراعت، تحقيق ۽ فوڊ سائنس سان لاڳاپيل ماهرن ملڪ جي خوراڪ جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وبا کان پوءِ پاڪستان ۾ ٻارن ۽ عورتن ۾ غذائي کوٽ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته موسمي تبديلين جا اثر خوراڪ جي ذريعن کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي رهيا آهن، ماھرن موجب ملڪ جي 82.8 سيڪڙو آبادي صحتمند خوراڪ خريد ڪرڻ جي سگهه نٿي رکي، جڏهنته 37 سيڪڙو ماڻهو وچولي کان شديد خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهن، اھي ڳالھيون ڪالھه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ "خوراڪ جي نظام ۾ تبديلي ۽ غذائيت تي تحقيقي ايجنڊا بابت صوبائي صلاحڪاري ويھڪ” دوران ڪيون ويون، جنھن لاءِ پاڪ–ڪوريا نيوٽريشن سينٽر( پي ڪي اين سي) ۽ گلوبل الائنس فار امپرووڊ نيوٽريشن (جي اي آءِ اين) سهڪار ڪيو ھو. صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي غذائي کوٽ ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي بحران کان بچائڻو آهي ته پاليسي سازن کان وٺي زميندارن تائين سڀني کي گڏيل حڪمت عملي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن ڪلائميٽ اسمارٽ زراعت کي ھٿي ڏيڻ، فصلن کي ٻوڏ، سوڪھڙي ۽ گرمي پد کان بچائڻ، خوراڪ ۾ گدلاڻ ۽ خوراڪ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سخت فوڊ سيفٽي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ غذائيت تي ٻڌل ويليو چين جوڙڻ تي زور ڏنو، پاڪ–ڪوريا نيوٽريشن سينٽر، يونيورسٽي آف ايگريڪلچر فيصل آباد جي ماهر ڊاڪٽر بينش سرور چيو ته پاڪستان جو فوڊ سسٽم شديد دٻاءَ هيٺ آهي ۽ ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ٽن خوراڪ ضايع ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ ميون ۽ ڀاڄين جو ضايع ٿيڻ ڪٽائي کان پوءِ 50 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ٿو. هن زور ڀريو ته هڪ مربوط ۽ گهڻ شعبي واري حڪمت عملي، جيڪا گڏيل قومن جي فوڊ سسٽمز سمٽ تحت جوڙڻ جي ضرورت آھي، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو چيو ته صوبي ۾ غذائي کوٽ کان سڀ کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون متاثر آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا 46 سيڪڙو ٻار قد ۾ گهٽتائي، 41 سيڪڙو گهٽ وزن ۽ 23 سيڪڙو جسماني طور تي ڪمزوري جو شڪار آهن، جڏهن ته ڳورھارين عورتن ۾ رت جي کوٽ جي شرح 45 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوڊ فورٽيفڪيشن، ذخيري ۽ پهچ جي بهتر نظام ۽ ڪميونٽي سطح تي غذائيت بابت آگاهي مهم کي اوليت ڏني وڃي. ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري، ڊين ايف سي پي ڊي ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، اڳوڻي ڊين ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، ڊائريڪٽر انسٽي ٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.











