ملڪ جي 78هين جشن آزادي جي حوالي سان ٻن هفتن تي ٻڌل جشن ملهائڻ جو سلسلو سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ به جاري

حيدرآباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي 78هين جشن آزادي جي حوالي سان ٻن هفتن تي ٻڌل جشن ملهائڻ جو سلسلو سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ به جاري آهي.ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف تعليمي شعبن پاران ست الڳ الڳ شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ استادن، شاگردن ۽ انتظامي عملي شرڪت ڪئي. ان حوالي سان ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري ۾ تقريب منعقد …

حيدرآباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي 78هين جشن آزادي جي حوالي سان ٻن هفتن تي ٻڌل جشن ملهائڻ جو سلسلو سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ به جاري آهي.ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف تعليمي شعبن پاران ست الڳ الڳ شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ استادن، شاگردن ۽ انتظامي عملي شرڪت ڪئي. ان حوالي سان ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري ۾ تقريب منعقد ٿي، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليـل الرحمان کُمڀاٽي پهريون ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو باضابطه افتتاح ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، استادن، محققن ۽ انتظامي آفيسرن سان گڏ انسٽيٽيوٽ جي سامهون ٻوٽا لڳايا، جنهن سان يونيورسٽي جي ماحولياتي استحڪام لاءِ عزم کي ظاهر ڪيو ويو. وائيس چانسلر خطاب ڪندي چيو ته وڻڪاري “مستقبل جي سيڙپڪاري” آهي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو ڪيمپس کي سائو رکڻ جي ذميواري پاڻ سنڀالين. ان کان پوءِ جشن انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ۾ جاري رهيو، جتي استادن ۽ شاگردن پاڪستان جي معاشي سفر ۽ ڪاروباري صلاحيت کي اجاگر ڪندڙ تقريرون ۽ قومي سرگرميون پيش ڪيون. ڊائريڪٽر آءِ بي اي پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته شهرين، خاص طور استادن جي ذميواري آهي ته هو شاگردن جي ڪردار جي تعمير ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته استاد جو ڪردار صرف ليڪچر ڏيڻ تائين محدود ناهي، اسان کي رهنمائي، متاثر ڪرڻ ۽ اهڙا قدر اختيار ڪرڻ گهرجن جيڪي ذميوار شهرين کي جنم ڏين. ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد جي شاگردن جو هڪ گروپ پڻ جشن ۾ شامل ٿيو، جن آءِ بي اي جي آڊيٽوريم ۾ قومي نغمي “شڪريه پاڪستان” تي شاندار پرفارمنس ڏني..” پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ هڪ جاندار پروگرام ٿيو، جتي محققن ۽ شاگردن پاڪستان جي تاريخ، نظريي ۽ سماجي-سياسي چئلينجن تي ڳالهيون ڪيون. خاص ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ ڀارت وچ ۾ ٿيل تازي جنگ کي ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي فوج جي بهادري، حوصلي ۽ حڪمت عملي جي ڪاميابي کي نمايان ڪيو ويو. ڊاڪيومينٽري حاضر ين ۾ فخر ۽ اتحاد جو جذبو پيدا ڪيو. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه پڻ سڄو ڏينهن وائيس چانسلر سان گڏ رهيو، جنهن يونيورسٽي جي قيادت جي عزم کي ظاهر ڪيو ته اها جشن کي شاندار ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي. جشن جي سلسلي ۾ مختلف فئڪلٽين ۽ سينٽرن ۾ اڄ به وڌيڪ اهم تقريبون منعقد ٿينديون.