پاڪستان سڀني مذهبن کي مڃڻ وارن جو ملڪ آھي،سنڌ جي وڏي وزير پاران اقليتن جي حقن جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ

ڪراچي-11 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته پاڪستان سڀني مذهبن کي مڃڻ وارن جو ملڪ آھي، چاھي انھن جو تعلق ڪنھن به مذھب سان ھجي. ھو سوامي نارائڻ مندر ۾ منعقد ھڪ گڏيل تقريب کي خطاب ڪري رھيو ھو جيڪا اقليتن جو ڏينھن ملھائڻ لاءِ مختلف اقليتي برادرين گڏيل طور تي منعقد ڪئي. وڏي وزير چيو ته اقليتن جو ڏينهن ملھائڻ جي …

ڪراچي-11 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته پاڪستان سڀني مذهبن کي مڃڻ وارن جو ملڪ آھي، چاھي انھن جو تعلق ڪنھن به مذھب سان ھجي. ھو سوامي نارائڻ مندر ۾ منعقد ھڪ گڏيل تقريب کي خطاب ڪري رھيو ھو جيڪا اقليتن جو ڏينھن ملھائڻ لاءِ مختلف اقليتي برادرين گڏيل طور تي منعقد ڪئي. وڏي وزير چيو ته اقليتن جو ڏينهن ملھائڻ جي روايت صدر آصف علي زرداري پنھنجي صدارتي دور ۾ 2009ع ۾ شروع ڪئي ھئي. وڏي وزير چيو ته 11 آگسٽ جي تاريخي اھميت اھا آھي ته 1947ع ۾ انھيءَ ڏينھن تي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ تاريخي خطاب ڪندي واضح ڪيو ھو ته اقليتن کي پنھنجن مندرن، مسجدن ۽ گرجا گھرن ۾ وڃڻ جي مڪمل آزادي آھي ۽ رياست کي ڪنھن جي مذھب سان ڪو غرض ناھي. وزير اعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ۾ اقليتن جي تحفظ جون شقون شامل ڪيون جڏھن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ھميشه اقليتي برادرين سان گڏ بيٺل رھي. سندس چوڻ ھو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آھن. مراد علي شاھ چيو ته سنڌ صدين کان مذھبي رواداري جي روايت جي علمبردار آھي جنھن کي عظيم صوفي بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ سچل سرمست ھٿي ڏني آھي. سندس چوڻ ھو ته اسان جو فلسفو آھي ته اسان سڀ پاڻ ۾ محبت ،دوستي ۽ ھڪجھڙائي سان گڏ رھون. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پرڏيھ خاص ڪري ترقي يافته ملڪن ۽ ڀارت ۾ جاري عدم برداشت جي واقعن جي نسبت ۾ پاڪستان ۾ ان نوعيت جو ڪو به واقعو پيش اچي ته ان کي اجتماعي مذمت جو منھن ڏسڻو پوندو آھي. سيد مراد علي شاھ ٻڌايو ته سنڌ ۾ يوم آزادي جون 14 ڏينھن واريون تقريبون جاري آھن. وڏي وزير اعلان ڪيو ته صوبائي حڪومت عبادتگاھن جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل مذھبن جي ماڻھن کي پوليس فورس ۾ ڀرتي ڪري رھي آھي.ٻئي پاسي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته بجيٽ سوڌو ڪو به مسئلو ھجي اسين وفاقي حڪومت سان ڳالھيون ڪندا آھيون. قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جون سڀئي رٿائون منظور ٿيون جن ۾ حيدرآباد سکر موٽر وي جا ٽي سيڪشن به شامل آھن. وڏي وزير نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته ھن وفاق ۽ سنڌ صوبي وچ ۾ سھڪار کي زور وٺائڻ ۾ ھاڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس ڪوششن جو مقصد ٻنھي جي لاڳاپن کي مضبوط رکڻ ھو. جبري مذھبي تبديلي جي معاملي تي وڏي وزير ان تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو، ھن چيو ته اسان جو مذھب ۽ قانون جبري مذھبي تبديلي جي اجازت نه ٿو ڏي. ٽريفڪ حادثي ۾ ٻن نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڳالھائيندي مراد علي شاھ گھري رنج ۽ غم جو اظھار ڪيو ۽ لاپرواھ ڊرائيونگ جي مذمت ڪئي. ھن تصديق ڪئي ته واقعي ۾ ملوث ڊرائيور کي فوري طور تي گرفتار ڪيو ويو ھو. پر ھن ردعمل ۾ 7 ڊمپرن کي باھ ڏئي ساڙڻ واري واقعي کي نامناسب عمل قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ ملوث شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير ٽرانسپورٽرن کي ھدايت ڪئي ته سڀني ڊمپرن ۽ ٽرڪن ۾ ڪيميرائون نصب ڪن ۽ يقيني بڻائين ته ڊرائيورن وٽ درست لائيسنس ھجي. ٻي صورت ۾ 15 ڏينھن اندر عمل نه ڪرڻ تي انھن خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان اڳ وڏي وزير ھندو برادري جي اڳواڻن سان گڏجي تاريخي سوامي نارائڻ مندر جو دورو ڪيو،جتي کين روايتي شالون ۽ گل پيش ڪيا ويا. بعد ۾ سک برادري جي اڳواڻن سان گڏجي ھن گوردوارا جو به دورو ڪيو.