سنڌ سرڪار ڪراچي  ۾ 13 آگسٽ تي رٿيل شاندار ميوزيڪل شو جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

ڪراچي-11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ سرڪار ڪراچي  ۾ 13 آگسٽ تي رٿيل شاندار ميوزيڪل شو جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آھي. اُن سلسلي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي آفيس ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ تقريب جي تيارين ۽ انتظامن جو تفصيلي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي …

ڪراچي-11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ سرڪار ڪراچي  ۾ 13 آگسٽ تي رٿيل شاندار ميوزيڪل شو جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آھي. اُن سلسلي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي آفيس ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ تقريب جي تيارين ۽ انتظامن جو تفصيلي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو،  اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايت ڪئي ته خصوصي ٻارن جي لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن ته جيئن اھي سڌي ريت سيٽن تائين پھچي سگھن. سيڪيورٽي جي حوالي سان سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سيڪيورٽي جون سموريون گھرجون سختي سان پوريون ڪيون وڃن ۽ رينجرز کي وڌ کان وڌ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن عوام پرامن ماحول ۾ جشن آزادي جي تقريبن مان لطف اندوز ٿي سگھي.  ھن وڌيڪ چيو ته13 آگسٽ تي گرينڊ شو عوام جي لاءِ يوم آزادي جي موقعي تي سنڌ سرڪار جو ھڪ تحفو آھي ۽ اسان جي خواھش آھي ته ڪراچي جا شھري ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ ھڪ محفوظ، خوشگوار ۽ يادگار ماحول ۾ شام گذارين. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر بريفنگ ڏيندي چيو ته تقريب جي لاءِ 27 ھزار سيٽن جي گنجائش ھوندي، جنهن ۾ 10 ھزار سيٽون فيمليز لاءِ رکيل ھونديون، خصوصي ٻارن جي لاءِ ٽي بسون ۽ خصوصي انٽري پاسز ڏنيون وينديون ته جيئن اُھي آساني سان پنھنجي سيٽن تائين پھچي سگھن. سيڪيورٽي اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽيڊيم ۾ به حفاظتي سيڪيورٽي ليئرز ھوندا. سيڪيورٽي اختيارين پلان ۾ رينجرز ۽ پوليس سان گڏ اسڪائوٽس جي مقرري جي به تجويز ڏني.