لاڙڪاڻي ۾ بي بي معصوم سڪينه بنت امام حسين عليه جي شھادت جو ڏھاڙي نھايت عقيدت سان ملهايو ويو

لاڙڪاڻو 08 آگسٽ (اي پي پي) سڄي دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ 12 صفر بي بي معصوم سڪينه بنت امام حسين عليه جي شھادت جي ڏھاڙو نھايت عقيدت سان ملهايو ويو، لاڙڪاڻي شھر جي قديمي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه لاڙڪاڻي ۾ قديمي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن سميت پوري سنڌ مان ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي مجلس عزا ۾ سنڌ توڙي پنجاب جي …

لاڙڪاڻو 08 آگسٽ (اي پي پي) سڄي دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ 12 صفر بي بي معصوم سڪينه بنت امام حسين عليه جي شھادت جي ڏھاڙو نھايت عقيدت سان ملهايو ويو، لاڙڪاڻي شھر جي قديمي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه لاڙڪاڻي ۾ قديمي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن سميت پوري سنڌ مان ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي مجلس عزا ۾ سنڌ توڙي پنجاب جي مشھور عالمن ۽ ذاڪرين بي بي سڪينه سلام الله عليها جي شھادت جي مناسبت سان فضائل ۽ مصائب بيان ڪيا بعد مجلس عزا شبيھ زيارت بي بي معصوم سڪينه بنت امام حسين برآمد ڪئي وئي ۽ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، لاڙڪاڻو پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پوليس سان گڏ الشھباز اسڪائوٽ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.