اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ۽ صوبائي رابطن، بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، امن امان جي صورتحال ۽ پارلياماني سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي پهرين ترجيح …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان بلوچستان جي گورنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ۽ صوبائي رابطن، بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، امن امان جي صورتحال ۽ پارلياماني سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ صوبي جي عوام جي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن، بلوچستان ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته فتنه الهندوستان جا دهشتگرد بلوچستان ۾ بدامني پکيڙي رهيا آهن ۽ ان چئلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا براءِ ڪار آندا ويندا. اسپيڪر چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڄي قوم متحد آهي ۽ رياستي ادارا مربوط حڪمت عملي تحت ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. بلوچستان جي گورنر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته وفاق ۽ بلوچستان حڪومت وچ ۾ مضبوط رابطا صوبي جي جٽادار ترقي لاءِ اڻٽر آهن. هن وفاق طرفان بلوچستان ۾ جاري ترقياتي قدمن کي سٺو سئنوڻ قرار ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن، نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي اڳواڻن جو بين الصوبائي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ وفاقي ادارن ۾ بلوچستان جي موثر نمائندگي تي به اتفاق ڪيو ويو. سردار اياز صادق، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، ايوان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي غير جانبداراڻي ڪردار ۽ پارلياماني ڪارروائي کي خوش اسلوبي سان هلائڻ تي هن جي قيادت کي ساراهيو.











