5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي قدم عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي آهن: سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)  پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ڀارت  جي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. يومِ استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي هن چيو ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام مٿان ٿيل ناانصافي ۽ ڏاڍ جي علامت آهي، ڀارت ڪشمير …

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)  پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ڀارت  جي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. يومِ استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي هن چيو ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام مٿان ٿيل ناانصافي ۽ ڏاڍ جي علامت آهي، ڀارت ڪشمير جي سُڃاڻپ خودمختياري کي پائمال ڪيو آهي، ڀارت طرفان ڪيل 5 آگسٽ 2019ع جا قدم عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي آهن. هن  چيو ته ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اُٿاريندو رهندو، يومِ استحصال تي مظلوم ڪشميرين کي سلام عقيدت پيش ڪريون ٿا.

مزید خبریں