ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رهندڙ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي اڄ به ظلم، آبادياتي تبديلين ۽ پنهنجي بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن …

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رهندڙ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي اڄ به ظلم، آبادياتي تبديلين ۽ پنهنجي بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جو مقصد ڪشمير جي سُڃاڻپ ۽ حيثيت کي تبديل ڪرڻ هو، عالمي قانون ۽ انساني ضمير تي ڪارو داغ آهن، ڪشمير صرف جاگرافيائي نه پر انصاف جو مسئلو آهي. هن چيو ته اسان جو يقين آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پُراڻي حل سان جڙيل آهي. اها ڳالهه ياد ڏياري ته اسان علائقائي ترقي، واپار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان ضرور آهيون پر ڪشميري عوام جي حقن ۽ وقار تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين.

مزید خبریں