ڀارت غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير کي انساني حقن جو قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته 5 آگسٽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي ڪئي. وفاقي وزير يومِ استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مودي سرڪار ظلم ذريعي …

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته 5 آگسٽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي کُليل ڀڃڪڙي ڪئي. وفاقي وزير يومِ استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مودي سرڪار ظلم ذريعي ڪشميرين جي آئيني حقن، سُڃاڻپ ۽ آزاديءَ تي ڌاڙو هنيو آهي. هن چيو ته ظلم ۽ ڏاڍ، عدالت کان مٿانهين قتل، ميڊيا بليڪ آئوٽ، راءِ جي اظهار تي پابندي ۽ لڳاتار ڪرفيو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير کي انساني حقن جو قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي. محسن نقوي چيو ته نئين ڊوميسائيل قانون تحت لکين هندو رهواسين کي واديءَ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي ته جيئن مقامي آباديءَ کي اقليت ۾ بدلائي سگهجي. ڪشمير جو بحران عالمي برادري جي بي حسي جو نوحو آهي. گهرو وزير چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي آڇ تي به مودي سرڪار ڌيان ناهي ڏنو. محسن نقوي چيو ته هڪ طرفا ڀارتي قدم ڏکڻ ايشيا جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن، ڪشمير مسئلو فوري طور تي عالمي ڌيان جو گهرجائو آهي. گهرو وزير چيو ته هٿين خالي ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام جيڪي غير قانوني ۽ غير انساني حربن باوجود آزاديءَ جو ڏيئو بلند ڪيو ويٺا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ هر فورم تي انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں