ظلم جي ڪا عمر ناهي هوندي، اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن والاريل ڄمون ڪشمير جو مظلوم عوام آزاديءَ جو سج اُڀرندي ڏسندو: پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي ڪندي والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي هڪ طرفي طور ختم ڪري ڇڏيو. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارت جو …

اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي ڪندي والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي هڪ طرفي طور ختم ڪري ڇڏيو. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارت جو اهو قدم نه صرف غير قانوني ۽ غاصباڻو آهي پر ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت تي حملو به آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿو پر ظلم جي ڪا عمر ناهي هوندي. ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد اڄ به زندهه آهي ۽ لڳاتار جاري آهي. ان تحريڪ جي رت جو هر قطرو هڪ نئين توانائي ۽ عزم عطا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندن حقِ خوداراديت جي ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته اها ان غير قانوني قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام جو سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته اسان کي پورو يقين آهي ته انشاءَ الله  اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن والاريل ڄمون ڪشمير جو مظلوم عوام آزاديءَ جو سج اُڀرندي ڏسندو. انشاءَ ڪشمير بڻجندو پاڪستان.

مزید خبریں