اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن ۽ سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 5 آگسٽ اسان کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشيمر جي عوام تي ٿيل ظلم جي ياد ڏياري ٿو، اسان ڪشميرين جي لازوال قربانين ۽ ڏهاڪن کان جاري انهن جي آزاديءَ واري جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي …
5 آگسٽ اسان کي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي ياد ڏياري ٿو: راڻا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن ۽ سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 5 آگسٽ اسان کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشيمر جي عوام تي ٿيل ظلم جي ياد ڏياري ٿو، اسان ڪشميرين جي لازوال قربانين ۽ ڏهاڪن کان جاري انهن جي آزاديءَ واري جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ کان 5 سال اڳ ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ڀارت جو اهو غاصباڻو عمل ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت تي هڪ سڌيءَ ريت حملو آهي. هن چيو ته ان ڏينهن تي هو پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي همٿ، ثابت قدمي ۽ انصاف لاءِ پُختو عزم اسان لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، عالمي برادري ان پُراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪرائي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو صرف ڪشيمرين جو نه پر انسانيت ۽ عالمي انصاف جو مسئلو آهي.











