ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال 14 آگسٽ جون تقريبون رڳو آزادي ملهائڻ تائين محدود ناهن پر ظلم خلاف تاريخي فتح جي ياد به آهن. اهڙو اظهار هن آزادي واري ڏھاڙي جي تقريبن بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته مختلف فڪر جي دانشورن کي انهن تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن …
هن سال 14 آگسٽ جون تقريبون رڳو آزادي ملهائڻ تائين محدود ناهن پر ظلم خلاف تاريخي فتح جي ياد به آهن: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال 14 آگسٽ جون تقريبون رڳو آزادي ملهائڻ تائين محدود ناهن پر ظلم خلاف تاريخي فتح جي ياد به آهن. اهڙو اظهار هن آزادي واري ڏھاڙي جي تقريبن بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته مختلف فڪر جي دانشورن کي انهن تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته هو اڳ ئي مختلف مذهبن جي عالمن ۽ اڳواڻن سان آزادي جي اهميت تي ڳالهيون ڪري چڪو آهي. مشهور شخصيتن کي دعوت ڏيڻ جو مقصد سندن راءِ حاصل ڪرڻ ۽ سندن شرڪت کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ ميڊيا، سول سوسائٽي، شوبز، راندين، صحافت ۽ قومي رانديگرن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مرڪزي موضوع ” حق جي ويڙهه” هو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن ۾ فيصل ايڌي، جهانگير خان، معين خان، سينئر اداڪار مصطفيٰ قريشي، منور سعيد، احمد شاهه، سينئر صحافي غازي صلاح الدين، ۽ قومي رانديگر يونس خان ۽ نسيم حميد شامل هئا، جيڪي آزادي واري ڏينھن جي تقريبن لاءِ ٻڌيءَ جي علامت هئا. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ آگاهي ڏني ته سنڌ حڪومت پهرين آگسٽ کان آزادي ڏينھن جون تقريبون باقاعدي شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ 162 مختلف تقريبون، جن ۾ رانديون، ثقافت، موسيقي ۽ ٻيون سرگرميون شامل آهن، منعقد ڪيون وينديون. سمورن شرڪت ڪندڙ فنڪارن، رانديگرن ۽ صحافين ان تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت جي پڪ ڏياري ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي رنگين ۽ متحرڪ تقريبن جي رٿابندي تي واڌايون ڏنيون. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ذوالفقار شاهه، وزيراعليٰ جي سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد علي کوسو، سيڪريٽري اطلاعات، ۽ سيڪريٽري ثقافت خير محمد پڻ شرڪت ڪئي.











