ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ننڍي عمر ۽ زبردستي شاديءَ خلاف ٺاهيل قانون تي سڀ کان وڌيڪ عملدرآمد سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي هي قانون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سختيءَ سان لاڳو آهي. اهڙو اظهار هن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ننڍي عمر ۽ زبردستي …
ننڍي عمر ۽ زبردستي شاديءَ خلاف ٺاهيل قانون تي سڀ کان وڌيڪ عملدرآمد سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي: سيد ناصر شاهه
ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ننڍي عمر ۽ زبردستي شاديءَ خلاف ٺاهيل قانون تي سڀ کان وڌيڪ عملدرآمد سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي هي قانون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سختيءَ سان لاڳو آهي. اهڙو اظهار هن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ننڍي عمر ۽ زبردستي شادي خلاف صوبائي سطح تي منعقد آگاهي پروگرام ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام ايس پي او ۽ خيرپور، جيڪب آباد جي سول سوسائٽي تنظيمن ڪيو هو. تقريب ۾ جليل اصغر ڀٽي (مينيجر پروجيڪٽس ۽ گرانٽس، ايس پي او)، منزهه علي (ڪنٽري مينيجر سيو دي چلڊرين، صائمه آغا (پارلياماني سيڪريٽري فار اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز) ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي. تقريب دوران روايتي ۽ ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا، جتي وزير سيد ناصر حسين شاهه اسٽالن جو دورو ڪري اتي رکيل شين کي ڏٺو ۽ ساراهه جو اظهار ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي هڪ انتهائي اهم موضوع تي ٻڌل پروگرام آهي، جنهن جو مقصد شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي. هن سول سوسائٽي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته اهڙا پروگرام سکر ۾ به شروع ڪيا وڃن. خيرپور ۽ جيڪب آباد جي پوئتي پيل علائقن ۾ هي پروگرام تمام سٺي طريقي سان هلي رهيو آهي. سيد ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي قانون سازي ڪري چڪي آهي ۽ هاڻ جڏهن بلوچستان ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ته اسان کي اميد آهي ته اتي به ان قانون تي عمل ۾ مدد ملندي. هن چيو ته قانون سازي ته ٻين صوبن ۾ به ٿي آهي پر ان تي عملدرآمد لاءِ شعور ضروري آهي. شعور ۽ سمجهه جي کوٽ قانون تي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي.سيد ناصر شاهه چيو ته هي پليٽ فارم سڄي سنڌ ۾ آگاهي لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ته هي قانون سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. آخر ۾ هن 14 آگسٽ جي حوالي سان بهترين تقريبن جي اهتمام ۽ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي. تقريب جي آخر ۾ سيد ناصر حسين شاهه کي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي وئي.











