ٿر جي ڪوئلي مان بجلي لڳ ڀڳ 4.8 رپيا في يونٽ تي تيار ٿئي ٿي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سال 2019ع کان وٺي ٿر جي ڪوئلي تي ٻڌل انرجي منصوبا 2600 ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري چڪا آهن جيڪي ملڪ جي لکين گهرن کي بجلي فراهم ڪري رهيا آهن، اها بجلي امپورٽ ٿيل ڪوئلي جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ قيمت تي 4.8 رپيا في يونٽ تي پيدا ٿئي ٿي جڏهن ته …

ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سال 2019ع کان وٺي ٿر جي ڪوئلي تي ٻڌل انرجي منصوبا 2600 ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري چڪا آهن جيڪي ملڪ جي لکين گهرن کي بجلي فراهم ڪري رهيا آهن، اها بجلي امپورٽ ٿيل ڪوئلي جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ قيمت تي 4.8 رپيا في يونٽ تي پيدا ٿئي ٿي جڏهن ته امپورٽ واري ڪوئلي مان اها  بجلي اٽڪل 19.5 رپيا في يونٽ تائين  تيار ٿئي ٿي جنهن سان ملڪ کي لڳ ڀڳ 1.3 ارب ڊالرن جي پرڏيهي مٽا سٽا جو ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙو اظهار هن ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ جي  29هين اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ٿر ڪوئلو اسان جي توانائي سيڪيورٽي جو بنياد بڻجي چڪو آهي ۽ اڄ وارا فيصلا خود انحصاري ڏانهن اسان جي سفر ۾ اهم سنگ ميل آهن. هن مقامي وسيلن جي استعمال سان سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو واعدو ورجايو. اجلاس ۾ هلندڙ منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقي ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي جي پيداوار جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ قدمن جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي وڏي وزير جيڪو بورڊ جو چيئرمين به آهي، ملڪ اندر مڪاني ڪوئلي تي ٻڌل توانائي شعبي جي واڌاري لاءِ اهم قدمن تي غور ڪيو. بورڊ سنڌ اينگرو ڪوئله مائننگ ڪمپني پاران آڪٽوبر کان ڊسمبر 2024 ۽ جنوري کان مارچ 2025 لاءِ پيش ڪيل ڪوئلي جي اگهن جي انڊيڪس ۽ ايڊجسٽيڊ شرح کي منظور ڪيو جنهن سان بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي مستحڪم ۽ اڳڪٿي لائق تيل جي فراهمي يقيني بڻجي سگهندي. اهڙيءَ ريت بورڊ ٿر بلاڪ-1 ۾ 7.8 ملين ٽن سالياني گنجائش سان ڪم ڪندڙ ڪمپني سائنو سنڌ ريسورسز  لاءِ ڪمرشل آپريشنز ڊيٽ جي مرحلي جي ٽيرف جي به منظوري ڏني، جيڪا تجارتي کوٽائي جي مڪمل شروعات لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. سيڙپڪاري جي اعتماد کي هٿي ڏيڻ لاءِ بورڊ ٿر ڪوئلي جي کوٽائي منصوبن تي 18 سيڪڙو اندرين واپسي جي شرح جي ترغيب 31 ڊسمبر 2026ع تائين وڌائي ڇڏي آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي مالي تحفظ فراهم ڪري سگهجي. ان سان گڏ بورڊ ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ ايڪٽ 2011 ۾ ترميم جي منظوري به ڏني، جنهن تحت بورڊ جي ايگزيڪيوٽو باڊي کي واٽر ٽيرف انڊيڪسيشن جي ٽئين ڌر ذريعي جانچ جي اجازت حاصل ٿيندي، جيڪا شفافيت ۽ ضابطن جي نگراني کي بهتر بڻائيندي. اجلاس دوران ڪوئلي جي کوٽائي کان علاوه ان جي صنعتي استعمال، خاص طور تي ڀاڻ ۽ سيمينٽ جي پيداوار بابت به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. بورڊ انهن ڪمپنين جي تحقيق کي به ساراهيو جيڪي ٿر ڪوئلي کي ڀاڻ ۽ سيمينٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، جهڙوڪ ايف ايف سي، جامشورو ڪوئلي تي ٻڌل پاور پلانٽ کي ٿر ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ بابت به اجلاس ۾ اپڊيٽ ڏني وئي. ٿر ريلوي لنڪ پراجيڪٽ جو پڻ جائزو ورتو ويو جيڪو هن وقت 35 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جنوري 2026 ع تائين ان جي مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هي منصوبو ڪوئلي جي فراهمي ۽ علائقائي رابطن کي بهتر بڻائيندو. توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو ته آ آر آر جي سهولت ۾ واڌاري سان سيڙپڪاري جو اعتماد برقرار رهندو ۽ ٿر ڪوئلي جي منصوبن جي رفتار قائم رهندي. ٽي سي اي بي  جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق شاهه ٻڌايو ته ٿر جو ڪوئلو ميدان جيڪو لڳ ڀڳ 175 ارب ٽن ڳاڙهي ( لِگنائٽ ڪوئلي) تي ٻڌل آهي جيڪو دنيا جي وڏي کان وڏي ذخيري مان هڪ آهي. سنڌ حڪومت ٿر ڪوئلي جي منصوبي کي هڪ انقلابي ترقياتي منصوبي طور جاري رکندي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ، سماجي-معاشي واڌاري ۽ پاڪستان لاءِ هڪ پائيدار توانائي جو مستقبل يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ توانائي وارو وزير ناصر شاهه، تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو، قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، لاڳاپيل سيڪريٽريز ۽ بورڊ جا ميمبر شريڪ ٿيا. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين وفاقي نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.