حيدرآباد-30 جولاءِ (اي پي پي)ريسڪيو وارن همٿ ڪري ڄامشورو پل تان درياءَ ۾ ٽپ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورت کي پڪڙي سندس حياتي بچائي ورتي. تفصيل مطابق ڪالهه مڙس کان ناراض ٿي ڄامشورو پل تان درياءَ ۾ ٽپ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ناري آمنه نوناري کي پل تي موجود ريسڪيو 1122 جي عملي فوري طور تي پڪڙي درياهه ۾ ٽپ ڏيڻ کان بچائي ورتو. چيو وڃي ٿو ته …
ريسڪيو وارن ڄامشورو پل تان درياءَ ۾ ٽپ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورت کي پڪڙي سندس حياتي بچائي ورتي
حيدرآباد-30 جولاءِ (اي پي پي)ريسڪيو وارن همٿ ڪري ڄامشورو پل تان درياءَ ۾ ٽپ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورت کي پڪڙي سندس حياتي بچائي ورتي. تفصيل مطابق ڪالهه مڙس کان ناراض ٿي ڄامشورو پل تان درياءَ ۾ ٽپ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ناري آمنه نوناري کي پل تي موجود ريسڪيو 1122 جي عملي فوري طور تي پڪڙي درياهه ۾ ٽپ ڏيڻ کان بچائي ورتو. چيو وڃي ٿو ته ناري پنهنجي مڙس سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڄامشورو پل تان گذري رهي هئي ته ان دوران ٻنهي ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو جنهن دوران ناري ڪاوڙ ۾ اچي موٽر سائيڪل تان لهي پل جي لوهي گرل تان درياءَ ۾ ٽپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي اهلڪارن ناري کي پڪڙي ورتو ۽ درياءَ ۾ ٽپ ڏيڻ کان بچائي حفاطت سان کيس پل تي آندو ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.











