وڏي وزير جي هدايتن تي صنعتي زونز ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن: وڏي وزير جو صلاحڪار دوست محمد راهمون

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار دوست محمد راهمون چيو آهي ته سنڌ حڪومت صنعتي ترقي کي ماحولياتي تحفظ سان هم آهنگ ڪرڻ جي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ وڏي وزير جي هدايتن تي صنعتي زونز ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن نوري آباد ۾ ٽي لک گيلن روزانو جي …

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار دوست محمد راهمون چيو آهي ته سنڌ حڪومت صنعتي ترقي کي ماحولياتي تحفظ سان هم آهنگ ڪرڻ جي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ وڏي وزير جي هدايتن تي صنعتي زونز ۾ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن نوري آباد ۾ ٽي لک گيلن روزانو جي گنجائش سان احمد ٽيڪسٽائل ملز جي صنعتي گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ واري جديد پلانٽ جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته هي  گندگي کي صاف ڪرڻ جو جديد پلانٽ نه رڳو صنعتي گدلاڻ کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان کي ٻيهر استعمال لائق بڻائي قيمتي پاڻي جي وسيلن جي حفاظت ۾ پڻ ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو هڪ قدر جوڳو مثال آهي. ان موقعي تي مون سون جي موسم جي حوالي سان وڻڪاري مهم پڻ شروع ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا لڳايا ويا. ساڳئي وقت، الرحيم ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو دورو ڪيو ويو، جتي پاڻي جي ري سائيڪلنگ تي ٻڌل هڪ اعليٰ معيار جو ٽريٽمينٽ سسٽم نصب ڪيو ويو آهي جيڪو صنعتي گندي پاڻي کي مڪمل طور تي صاف ڪري ٿو ۽ ان کي صنعت ۾ ٻيهر استعمال لائق بڻائي ٿو. ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون الرحيم ٽيڪسٽائل جي ان قدم جي شروعات جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هي پلانٽ پوري سنڌ جي صنعتن لاءِ هڪ ماڊل آهي. سنڌ حڪومت اهڙين صنعتن جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي جيڪي ماحول دوست پاليسيون اختيار ڪندي پائيدار ترقي کي هٿي ڏين ٿيون. صنعتي گدلاڻ جي نگراني لاءِ خودڪار نظام متعارف ڪرايا پيا وڃن  ۽ سيپا جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن  هر سطح تي ماحولياتي قانونن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل سيپا وقار حسين ڦلپوٽو، صدر نوري آباد ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز (ناٽي) ضياءُ الرحمان، احمد ٽيڪسٽائل جي سيٺ اشرف ۽ سيپا حيدرآباد ريجن جا آفيسر پڻ موجود هئا.