ڪراچي-21 جولاءِ (اي پي پي) توانائي، منصوبابندي ۽ ترقيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عورتن کي قرض ڏيڻ جي حد وڌائي 15 لک رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غريب خاندانن کي مفت سولر بجلي فراهم ڪئي ويندي ۽ ٻين صارفين کان صرف 10 رپيا في يونٽ وصول ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ …
سرسو جي هُنرمند عورتن لاءِ هلندڙ پروگرام کي سنڌ جي سڀني ضلعن تائين وڌايو ويندو: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-21 جولاءِ (اي پي پي) توانائي، منصوبابندي ۽ ترقيات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عورتن کي قرض ڏيڻ جي حد وڌائي 15 لک رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غريب خاندانن کي مفت سولر بجلي فراهم ڪئي ويندي ۽ ٻين صارفين کان صرف 10 رپيا في يونٽ وصول ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پاران منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. ناصر حسين شاهه چيو ته هن وقت سرسو جو هُنرمند عورتن لاءِ هلندڙ پروگرام سنڌ جي 17 ضلعن تائين محدود آهي، پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت موجب ان کي صوبي جي سڀني ضلعن تائين وڌايو ويندو ته جيئن هر ٻهراڙي واري علائقي جون عورتون ۽ نوجوان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ويزن واضح آهي ته عوام کي بااختيار بڻائڻ، غربت جو خاتمو آڻڻ ۽ مقامي سطح تي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ. اهو ئي ويزن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ سستي ۽ مستقل بجلي جي فراهمي لاءِ مني گرڊ اسٽيشنز قائم ڪيا ويندا جيڪي نه رڳو توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، پر ماحول دوست توانائي جي واڌاري ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا. هن سرسو جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو نه رڳو روزگار جا موقعا مهيا ڪري رهيو آهي، پر ٻهراڙي جي عورتن، نوجوانن ۽ مقامي ڪميونٽيز کي تربيت، هُنرمندي ۽ خود انحصاريءَ جي راهه تي گامزن ڪري رهيو آهي. حڪومت جي ويزن موجب سرسو هيٺين سطح تي ترقيءَ جو بنياد رکي رهي آهي. سنڌ حڪومت انهن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ انهن سان مڪمل سهڪار جاري رکندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته پُٺتي پيل علائقن ۾ ترقياتي قدمن کي تيز ڪري نه رڳو معياري زندگي فراهم ڪئي وڃي، پر مقامي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن ذريعي پاڻڀرو بڻايو وڃي. تقريب ۾ سرسو جي چيئرپرسن ناهيد شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم الحسن شاهه، صدر آرٽس ڪائونسل احمد شاهه، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر سراج قاسم، سي اي او محمد ڏتل ڪلهوڙو سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون شريڪ هيون.










