سکر-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سکر ۾ رضوان پلازا سميت شهر جي 38 ننڍين ۽ وڏين عمارتن کي زبون ۽ انساني زندگين لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي انهن جي فوري طور تي ڊاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي پهرين مرحلي ۾ سکر تعليمي بورڊ آفيس ويجهو واقع رضوان پلازه جي عمارت جي گرائونڊ فلور تي ٺهيل دڪانن کي …
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران سکر شهر جُون 38 ننڍيون ۽ وڏيُون عمارتُون زبون ۽ انساني زندگين لاءِ خطرناڪ قرار، ڊاهڻ جو عمل شروع

مزید خبریں
سکر-21 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سکر ۾ رضوان پلازا سميت شهر جي 38 ننڍين ۽ وڏين عمارتن کي زبون ۽ انساني زندگين لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي انهن جي فوري طور تي ڊاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي پهرين مرحلي ۾ سکر تعليمي بورڊ آفيس ويجهو واقع رضوان پلازه جي عمارت جي گرائونڊ فلور تي ٺهيل دڪانن کي سيل ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ فليٽن جا گئس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا. جڏهن ته رهواسين پاران مقرر وقت اندر عمارت خالي نه ڪرڻ تي انهن کي زوري بي دخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رضوان پلازه کي سيل ڪرڻ جي موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن چيو ته رضوان پلازا جي عمارت زبون ۽ انتهائي حساس ٿي چڪي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت وڏي جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهيءَ خوف کي نظر ۾ رکندي، هيٺ ٺاهيل دڪانن کي فوري طور تي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ رهائشي فليٽن جا گئس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا ته جيئن عمارت کي مڪمل طور تي خالي ڪري ۽ ڊاٿو وڃي. پلازه جي رهواسين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارروائي خلاف سخت احتجاج ڪندي ٽائر ساڙي ۽ نعرا هڻي روڊ بلاڪ ڪندي مطالبو ڪيو ته حڪومت عمارت خالي ڪرڻ کان اڳ انهن کي متبادل رهائش فراهم ڪري. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪنهن به اڳواٽ انتظام کان سواءِ بي دخلي ظالماڻو عمل آهي ۽ غريب خاندانن لاءِ کليل آسمان هيٺ رهڻ ممڪن ناهي. رهواسين سنڌ جي وڏي وزير، سکر جي ڪمشنر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي متبادل رهائش جو انتظام ڪيو وڃي يا انهن کي پنهنجون رهائشون منتقل ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ طاقت جي استعمال سان انساني بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.










