ڪراچي-18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪوئيٽا بس دھشتگرديءَ واقعي ۾ شھيد ٿيل قوال احمد ۽ ٻين شھيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مرڪزي سينيئر اڳواڻ انيس قائمخاني ۽ اسيمبلي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته تازن دھشتگرديءَ جي واقعن ۾ ھندستاني ڳجھي ايجنسي ”را“ جي ملوث ھجڻ جون شاھديون موجود …
سنڌ جي گورنر پاران ڪوئيٽه بس دهشتگردي واري واقعي ۾ شهيد ٿي ويل قوال جي جنازي نماز ۾ شرڪت

مزید خبریں
ڪراچي-18 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪوئيٽا بس دھشتگرديءَ واقعي ۾ شھيد ٿيل قوال احمد ۽ ٻين شھيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مرڪزي سينيئر اڳواڻ انيس قائمخاني ۽ اسيمبلي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته تازن دھشتگرديءَ جي واقعن ۾ ھندستاني ڳجھي ايجنسي ”را“ جي ملوث ھجڻ جون شاھديون موجود آھن. قوم جا حوصلا بلند آھن، دشمن جون سازشون اسان جي اتحاد کي ٽوڙي نه ٿيون سگھن. ھن چيو ته دشمن جو مقصد ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آھي، پر پاڪستاني قوم متحد آھي. 10 مئي تي قوم پاڪستان جي فوج سان گڏ بيھي دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو. آئينده به ”را“ ۽ ان جي سھولتڪارن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.










