حيدرآباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد (ايس پي ايس سي ) پهتو ، جتي ايس پي ايس سي، جي چيئرمين محمد وسيم ۽ ڪميشن جي ميمبرن سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير اتي ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ (سي بي ٽي) ليبارٽري جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير ڪمپيوٽر بيسڊ موڪ ٽيسٽ ڏئي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽ جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير چيو ته …
سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سي بي ٽي ليبارٽري جو افتتاح، ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
حيدرآباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد (ايس پي ايس سي ) پهتو ، جتي ايس پي ايس سي، جي چيئرمين محمد وسيم ۽ ڪميشن جي ميمبرن سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير اتي ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ (سي بي ٽي) ليبارٽري جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير ڪمپيوٽر بيسڊ موڪ ٽيسٽ ڏئي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽ جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير چيو ته ايس پي ايس سي جي شفافيت، ميرٽ تي ٻڌل جديد نظام مثالي آهي. وڏي وزير چيو ته ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي مقرري لازمي آهي. شرجيل ميمڻ پڻ ڪمپيوٽر بيسڊ موڪ ٽيسٽ ڏني ۽ پاس ڪئي. وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آفيس جي دوري جي موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ڄام خان شورو پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير کي ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ (سي بي ٽي ) ليبارٽري جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ايس پي ايس سي جي چيئرمين محمد وسيم چيو ته شفاف ڀرتين لاءِ جديد ٽيسٽنگ ليب قائم ڪئي وئي آهي. وڏي وزير ڪميشن جو امتحان ڪمپيوٽر سسٽم تي منتقل ڪرڻ کي ساراهيو، 500 ٽيبز تي مشتمل سي بي ٽي ليب ۾ روزانو 2000 ٽيسٽن جي صلاحيت آهي ، سي بي ٽي ليب مان امتحان ۾ شفافيت ۽ فوري نتيجا ممڪن آهن. ايس پي ايس سي ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ متعارف ڪرائڻ وارو پهريون ادارو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪمپيوٽر سسٽم سان جانچ ۾ انساني غلطي جو امڪان گهٽ ٿيندو. ايس پي ايس سي انتظاميا 20 هزار کان وڌيڪ سفارشون مختلف سرڪاري کاتن لاءِ پيش ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته ايس پي ايس سي امتحاني نظام جي ڊيجيٽل منتقلي ساراهه جوڳي آهي ۽ چيو ته ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائي ٿي. وڏي وزير چيو ته امتحانن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ساراهه جوڳو قدم آهي جنهن سان اميدوارن جي فوري جانچ سان ڀرتي جي عمل ۾ بهتري ايندي. سي بي ٽي ليب شفاف ڀرتين ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وڏي وزير حيدرآباد ۾ تعمير هيٺ ايس پي ايس سي سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس جو دورو ڪيو جتي وڏي وزير کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس جي اڳڀرائي بابت ورڪس واري سيڪريٽري نواز سوهو بريفنگ ڏني. حيدرآباد ۾ ايس پي ايس سي سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس جي تعمير آخري مرحلي ۾ آهي. اهو 2517.430 ملين رپين جي لاڳت جو منصوبو آهي هن مهل تائين 2257.242 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن ، مالي سال 26-2025 لاءِ 258.400 ملين رپيا گهربل آهن اڃا تائين فنڊز جاري نه ٿيا آهن، وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايس پي ايس سي عمارت بيسمينٽ گرائونڊ ۽ 5 منزلن تي مشتمل آهي. ايس پي ايس سي سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس ۾ آفيسون، آڊيٽوريم، لائبريري، ڪيفي ٽيريا ۽ نماز لاءِ جڳهه شامل آهن. ڊجيٽل لائبريري ۾ هڪ ئي وقت 300 اميدوارن جي مطالعي جي گنجائش آهي. ايس پي ايس سي عمارت جي ٽئين منزل تي آڊيٽوريم قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو امتحانن، پروگرامن، ورڪشاپس ۽ تربيت لاءِ رکيو ويو آهي. آڊيٽوريم مان ايس پي ايس سي جو ٻين هنڌن تي ڀاڙڻ ختم ٿي ويندو. ڪامپليڪس جي پنجين منزل تي دلڪش ڪيفي ٽيريا پڻ قائم ڪيو ويو آهي. گري اسٽرڪچر ۽ ٽائل ورڪ مڪمل ، فائنل فنشنگ جو ڪم جاري آهي، منصوبا جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جديد سهولتن سان تيار ايس پي ايس سي ڪامپليڪس ۾ اميدوارن لاءِ انتظار گاهه پڻ قائم ڪيو ويو آهي. امتحاني برانچ، ميڊيا ورم، ڪنٽرول روم ۽ آئي ٽي ليب منصوبي جو حصو آهن. وڏي وزير منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. عوامي سهولتن جا منصوبا اولين ترجيح آهن. وڏي وزير تعميراتي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ايس پي ايس سي ۾ سهولتن جي فراهمي ساراهه جوڳو عمل آهي. ڊجيٽل لائبريري ۽ آڊيٽوريم اميدوارن لاءِ هڪ وڏو اثاثو آهن، ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي بهتري ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته ايس پي ايس سي جو نئون ڪامپليڪس ميرٽ ۽ شفافيت جي عمل کي سهارو ڏيندو. سنڌ جي وڏي وزير کي ايس پي ايس سي جي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده انتظاميا تحت هڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن کي ترقي ڏني وئي آهي. ايس پي ايس سي جي چيئرمين ٻڌايو ته ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي سميت اداري جي مرمت، خوبصورتي ڪئي آهي ، وڏي وزير ملازمن جي ترقي ۽ پگهارن ۾ اضافي کي ساراهيو. وڏي وزير سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٽيسٽ ليب جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪافي مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي. محمد وسيم چيئرمين جي حيثيت سان ڪافي محنت ۽ شفافيت سان ڪم ڪيو آهي، مون کي سڀني صوبائي ادارن ۾ بهترين آفيسر گهرجن جيڪي ڪميشن جي ذريعي اچي سگهن ٿا. وڏي وزير ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ٻيون ٽيسٽون جلد مڪمل ڪرڻ جون پڻ هدايتون ڪيون، ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ ليب قائم ڪرڻ سان وڌيڪ شفافيت ايندي.










