حيدرآباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد ۾ تازو وڌ ۾ وڌ 107 ملي ميٽر برسات پئي هئي جيڪا حيدرآباد جي لاءِ هڪ وڏي برسات تصور ڪئي وڃي ٿي ۽ حيدرآباد ۾ خاص طور تي مشڪلاتون وڌيڪ ٿينديون آهن ڇو ته حيدرآباد شهر جي تقريبن سموري ڊرينيج پمپنگ تي دارومدار رکي ٿي ۽ سمورو پاڻي پمپنگ ذريعي ئي ڪڍيو ويندو آهي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو اهو ٿئي …
حيدرآباد ۾ ڌ ۾ وڌ 107 ملي ميٽر برسات پئي جيڪا شهر لاءِ وڏي برسات تصور ڪئي وڃي ٿي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
حيدرآباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد ۾ تازو وڌ ۾ وڌ 107 ملي ميٽر برسات پئي هئي جيڪا حيدرآباد جي لاءِ هڪ وڏي برسات تصور ڪئي وڃي ٿي ۽ حيدرآباد ۾ خاص طور تي مشڪلاتون وڌيڪ ٿينديون آهن ڇو ته حيدرآباد شهر جي تقريبن سموري ڊرينيج پمپنگ تي دارومدار رکي ٿي ۽ سمورو پاڻي پمپنگ ذريعي ئي ڪڍيو ويندو آهي ۽ سڀ کان وڏو مسئلو اهو ٿئي ٿو ته بجلي بند ٿي وڃي ٿي ۽ جيستائين پمپنگ پراپر طريقي سان نه ٿي هلي ان وقت تائين پاڻي نٿو ڪڍي سگهجي برسات سبب ماڻهن کي ضرور تڪليف ٿي جنهن جي لاءِ اسان معذرت خواه به آهيون پر حيدرآباد جي انتظاميه مجموعي طور تي سٺو ڪم ڪيو. اهڙو اظهار هن حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جي ميئر جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان برسات کي ته ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون پر برسات کان پوءِ بيٺل پاڻي کي جلد کان جلد ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته هن وقت به شهر جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي پر 80 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون برساتون پئجي رهيون آهن. تازو ئي توهان ڏٺو ته نيو يارڪ ۽ نيو جرسي ۾ برساتن جي ڪري ڪهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي تنهن ڪري اهو چوڻ ته برسات ٿئي ۽ پاڻي ڪٿي به نه بيهي منهنجو خيال آهي ته اهڙو خيالي پلاءُ ته ٺاهي سگهجي ٿو پر اهو حقيقت جي ابتڙ آهي. برسات کان پوءِ لاڳاپيل انتظاميه سٺو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته 1980ع واري ڏهاڪي کان ڊرينيج جي نالن مان ٻوريون هٿ اچڻ واري روايت شروع ٿي هئي جيڪا اڄ به جاري آهي. ريلوي ڪالوني سميت مختلف هنڌن تان نالن مان ٻوريون هٿ آيون آهن. هن چيو ته اسان وٽ جيڪي وسيلا موجود آهن انهن تحت ئي ڪم ڪري سگهون ٿا. وسيلن کان وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته حيدرآباد جي ترقي حڪومت جي پهرئين ترجيح آهي جنهن لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني آٽو ڀان روڊ جي فيز هڪ ۽ فيز ٻه جو افتتاح ڪيو ويندو. فيز ٿري فيبروري تائين مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته رنگ روڊن جو ڪم به هلندڙ آهي ان ڪم جو به جائزو ورتو آهي پر قبضن جو مسئلو به آهي. ڪيترائي قبضا ختم ڪرايا آهن. هن چيو ته نياز اسٽيڊيم جي بحالي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ چيئرمين ڪرڪيٽ بورڊ محسن نقوي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ سال ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پي ايس ايل ميچون ڪرايون وينديون جڏهن ته سيپٽمبر ۾ ايشين چيمپئن شپ جون ميچون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿينديون جنهن ۾ 6 ملڪن جون ٽيمون شريڪ ٿينديون. هن چيو ته ڊي پارڪ حيدرآباد جو افتتاح آگسٽ ۾ ٿيندو. هن چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيون نمبر وڏو شهر آهي ۽ اهو پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ قيادت جي اولين ترجيح آهي. وسيلا گهٽ آهن پر خدمت ۾ کوٽ نه ڪئي ويندي ۽ عوامي مفاد وارا سمورا منصوبه بروقت ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته مان حيدرآباد کان چڱي طرح واقف آهيان. 2005ع ۾ مان پاڻ ٻيڙيءَ ۾ ويهي لطيف آباد جو دورو ڪري چڪو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت جاري ڪئي ته حيدرآباد ۾ موجود سمورين زبون عمارتن کي خالي ڪرايو وڃي. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل ميمڻ ، ڄام خان شورو، جبار خان، ميئر ڪاشف شورو، ايم پي اي نزهت پٺاڻ ۽ ٻيا پي پي پي اڳواڻ موجود هئا.










