وزيراعظم پاران برطانيا ۾ پاڪستاني اڏامن تي هنيل پابندي جي خاتمي جي آجيان

اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا ۾ پاڪستاني اڏامن تي هنيل پابندي جي خاتمي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي اڏامن جو ٻيهر شروع ٿيڻ اهم سنگ ميل ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي غيرذميواراڻي بيانن …

اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا ۾ پاڪستاني اڏامن تي هنيل پابندي جي خاتمي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي اڏامن جو ٻيهر شروع ٿيڻ اهم سنگ ميل ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري ماضي ۾ پاڪستاني اڏامن تي پابنديون لڳيون ۽ ملڪي ساک کي نقصان پهتو. برطانيا پاران پاڪستاني اڏامن تي لڳايل پابندي جو خاتمو ٿيڻ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اطمينان جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جو ٻيهر شروع ٿيڻ ملڪ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم پاڪستاني اڏامن تي لڳندڙ پابندي جي خاتمي جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، دفاع واري وزارت ۽ ايوي ايشن ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ان مثبت اڳڀرائي سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۾ اضافو ٿيو ۽ برطانيا سان پاڪستان جي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته پاڪستاني ايئرلائينز کي هوائي سفر جي ڏس ۾ عالمي ڪمپنين سان مقابلي ۾ آڻڻ جا قدم تيزي سان جاري آهن. حڪومت قومي ايوي ايشن جي شعبي ۾ شفافيت، معيار ۽ عالمي معيار جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.