سينيٽ چيئرمين سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل اکناٿ ڌڪل گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين آءِ ايس سي جو باني چيئرمين پڻ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ملاقات ۾ آءِ ايس سي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽ چيئرمين سان نومبر ۾ پاڪستان ۾ تجويز ڪيل ڪانفرنس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين، سيڪريٽري …

اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل اکناٿ ڌڪل گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين آءِ ايس سي جو باني چيئرمين پڻ آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق ملاقات ۾ آءِ ايس سي جي سيڪريٽري جنرل سينيٽ چيئرمين سان نومبر ۾ پاڪستان ۾ تجويز ڪيل ڪانفرنس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ چيئرمين، سيڪريٽري جنرل جي دؤري کي انتهائي اهم قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته آءِ ايس سي امن ۽ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم ثابت ٿيندو، تڪرارن ۽ ٻين عالمي چئلينجز سمورن ماڻهن لاءِ ڏُکيائيون پيش ڪيون آهن، مسئلن جو گڏجي گڏيل حڪمت عملي ذريعي حل ڪڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيڪريٽري جنرل سمورن فورم جي ميمبرن طرفان سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني عالمي مقبوليت رکي ٿو، آءِ ايس سي سندس قيادت ۾ اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪندو. سيڪريٽري جنرل، سينيٽ چيئرمين کي مستقبل جي لائحه عمل بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته آءِ ايس سي، آءِ پي يو مبصر جي حيثيت سان شموليت لاءِ درخواست ڏني آهي، گڏيل قومن سان به رابطا ڪاري کي هٿي ڏينداسين.