گهرو معاملن وارو وفاقي وزير مشهد پهچي ويو، خراسان صوبي جي گورنر سان ملاقات

مشهد-15 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي ايران جي دؤري دوران مشهد پهچي ويو، مشهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي خراسان صوبي جي گورنر جنرل غلام حسين مظفري سندس آڌرڀاءُ ڪيو. گهرو وزير خراسان صوبي جي گورنر جنرل غلام حسين مظفري وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان …

مشهد-15 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي ايران جي دؤري دوران مشهد پهچي ويو، مشهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي خراسان صوبي جي گورنر جنرل غلام حسين مظفري سندس آڌرڀاءُ ڪيو. گهرو وزير خراسان صوبي جي گورنر جنرل غلام حسين مظفري وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب خراسان صوبي جي گورنر، گهرو وزير جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته اوهان جو مشهد اچڻ اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ايران سان پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي خيرسگالي جي جذبن جو قدر ڪريون ٿا. گورنر چيو ته جنگ دوران پاڪستان ايران سان گڏ بيٺل رهيو ۽ هر موقعي تي ڀرپور حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جنگ دوران ڀاءُ هئڻ جو ثبوت ڏنو. گهرو وزير چيو ته ايراني قيادت ۽ عوام جنگ دوران همت ۽ عزم جو بي مثال مظاهرو ڪيو. مشهد ۾ زائرين جي سهولت لاءِ ايراني حڪومت بهترين انتظام ڪيا آهن. ٽه ڌُري ڪانفرنس جي فيصلن سان پاڪستاني زائرين کي ايران ۽ عراق وڃڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي. محسن نقوي چيو ته ايران جو دؤرو انتهائي ڪامياب رهيو ۽ تمام گهڻي محبت ملي.