ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ هن سڄي ملڪ ۾ انشورنس پاليسي هولڊرن جي حقن جي تحفظ بابت سالياني رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي. محتسب، وڏي وزير کي ٻڌايو ته سال 2024 دوران کين 6116 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 5827 (95.27 سيڪڙو) شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته …
سنڌ جي وڏي وزير سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ هن سڄي ملڪ ۾ انشورنس پاليسي هولڊرن جي حقن جي تحفظ بابت سالياني رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي. محتسب، وڏي وزير کي ٻڌايو ته سال 2024 دوران کين 6116 شڪايتون وصول ٿيون جن مان 5827 (95.27 سيڪڙو) شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 289 شڪايتن تي ڪارروائي جاري آهي. وڏي وزير محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته عوام ۾ آگاهي مهم کي وڌايو وڃي ته جيئن پاليسي هولڊر پنهنجن حقن بابت ڄاڻي سگهن ۽ انشورنس ڪمپنين سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرائي سگهن.










