چين ٿيان زو-9 ڪارگو خلائي جهاز کي زمين جي مدار ۾ موڪلي ڇڏيو

بيجنگ -15 جولاءِ (اي پي پي) چين گذريل ڏينهن ٿيان زو-9 ڪارگو خلائي جهاز کي ڪاميابي سان زمين جي مدار م موڪلي ڇڏيو آهي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ بيجنگ ۾ چائنا مينڊ اسپيس انجنيئرنگ آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ته مقامي وقت مطابق ٿيان زو 9 ڪارگو جهاز کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ ۽ ياو 10 راڪيٽ چين جي وين ڇانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 15 جولاءِ 2025ع تي …

بيجنگ -15 جولاءِ (اي پي پي) چين گذريل ڏينهن ٿيان زو-9 ڪارگو خلائي جهاز کي ڪاميابي سان زمين جي مدار م موڪلي ڇڏيو آهي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ بيجنگ ۾ چائنا مينڊ اسپيس انجنيئرنگ آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ته مقامي وقت مطابق ٿيان زو 9 ڪارگو جهاز کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ ۽ ياو 10 راڪيٽ چين جي وين ڇانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان 15 جولاءِ 2025ع تي مقامي وقت موجب صبح جو 5 لڳي 34 منٽن تي لانچ ڪيو ويو. ٿيام زو 9 ڪارگو جهاز مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ترتيب مڪمل ڪري ورتي ۽ بيجنگ جي وقت مطابق ساڳئي ڏينهن صبح جو 8 لڳي 52 منٽن تي خلائي اسٽيشن ٿيان ها مرڪز ماڊيول جي پورٽ تان ڊاڪنگ مڪمل ڪري ورتي. ڊاڪنگ مڪمل ٿيڻ بعد ٿيان زو 9 گڏيل اڏام جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ شين زو 20 خلائي عملي جا ميمبر ٿيان زو 9 ڪارگو جهاز ۾ داخل ٿيندا ۽ منصوبي مطابق سامان جي منتقلي ۽ ٻيا لاڳاپيل معاملا انجام ڏيندا. ٿيان زو 9 ڪارگو جهاز ۾ خلابازن جي مدار ۾ قيام لاءِ ضروري سامان، پروپيلنٽ ۽ مختلف تجرباتي اوزارن سميت ٻيون شيون موڪليون ويون آهن.

مزید خبریں