سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪالي لاءِ هنگامي قدمن جي هدايت

ڪراچي – 14 – جولائي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ شديد برسات جي ڪري مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو جائزو ورتو ۽ برسات جي پاڻي جي فوري نيڪالي جي لاءِ هنگامي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري پڌرائي موجب هن حيدرآباد جي ميئر سان رابطو ڪري پاڻي جي نيڪالي جي ڪوششن تي تفصيلي بريفنگ ورتي. برسات …

ڪراچي – 14 – جولائي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ شديد برسات جي ڪري مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو جائزو ورتو ۽ برسات جي پاڻي جي فوري نيڪالي جي لاءِ هنگامي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري پڌرائي موجب هن حيدرآباد جي ميئر سان رابطو ڪري پاڻي جي نيڪالي جي ڪوششن تي تفصيلي بريفنگ ورتي. برسات کانپوءِ حيسڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سان بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي جنهن جي ڪري پاڻي جي نيڪالي جون پمپنگ اسٽيشن عارضي طور تي بند ٿي ويون ۽ نيڪالي جو عمل متاثر ٿيو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير توانائي واري وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي حيسڪو عملدارن سان رابطو ڪري پمپنگ اسٽيشنز جي بجلي بحال ڪرائي. سيد مراد علي شاهه ضلعي انتظاميا، بلدياتي ادارن، سنڌ سالٽ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ، ٽريفڪ پوليس ۽ ريسڪيو ادارن سميت سمورن لاڳپايل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل تعاون سان ڪم ڪن. هن زور ڏنو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. هن اضافي احتياطي قدمن جي پڻ هدايت ڪئي، جن ۾ هيٺئين علائقن ۾ ڊي واٽرنگ پمپس ۽ عملي کي الرٽ رکڻ، بجلي جي خطرن وارين جاين تي وارننگ بورڊز هڻڻ، 24 ڪلاڪ فعال ڪنٽرول رومز قائم ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ذريعي وقت سر عوام کي معلومات فراهم ڪرڻ شامل آهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته برسات دوران غيرضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ لاڳاپيل عملدارن سان تعاون ڪن ته جيئن امڪاني خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چوماسي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم جاري رکيا آهن.