اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) پياس انٽرنيشنل جي چيئرمين راڻا عمران لطيف سنڌ حڪومت پاران پلاسٽڪ شاپنگ بيگز تي مڪمل پابندي جي تازي فيصلي کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته قومي سطح تي پڻ پلاسٽڪ شاپنگ بيگز جي استعمال جي خلاف مڪمل پابندي ۽ ان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. جاري هڪ بيان ۾ راڻا عمران لطيف چيو ته …
سنڌ حڪومت پاران پلاسٽڪ شاپنگ بيگز تي مڪمل پابندي جو فيصلو خوش آئنده آهي: راڻا عمران لطيف
اسلام آباد – 14 – جولائي (اي پي پي) پياس انٽرنيشنل جي چيئرمين راڻا عمران لطيف سنڌ حڪومت پاران پلاسٽڪ شاپنگ بيگز تي مڪمل پابندي جي تازي فيصلي کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته قومي سطح تي پڻ پلاسٽڪ شاپنگ بيگز جي استعمال جي خلاف مڪمل پابندي ۽ ان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. جاري هڪ بيان ۾ راڻا عمران لطيف چيو ته شاپنگ بيگز هڪ خاموش قاتل آهن جيڪي اسان جي ايندڙ نسل جي صحت ۽ اسان جي ماحول کي مستقل طور تي تباهه ڪري رهيا آهن هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت قومي سطح تي ان جي خلاف سخت قانونسازي ڪري ۽ ان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شاپنگ بيگز تيزي سان انسااني صحت، زميني زرخيزي، آبي حيات ۽ فضائي ماحول جي لاءِ هڪ زهر قاتل بڻجي چڪا آهن. ماحولياتي ماهر ۽ انساني حقن جون تنظيمون مسلسل تنبيهه ڪري رهيا آهن ته انهن بيگز ۾ شامل خطرناڪ ڪيميڪلز سان نه رڳو ڪينسر، سُنڍ، ساهه جي بيمارين ۽ هارموني نظام جي خرابي جنم وٺي ٿي پر اهي اسان جي فضا، زمين ۽ پاڻي کي پڻ مستقل نقصان پهچائي رهيا آهن. پياس انٽرنيشنل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اها صورتحال فوري ۽ سخت قدمن جي گهرجائو آهي.











