اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي انهن 22 عظيم ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو جن 13 جولاءِ 1931ع تي سرينگر جيل ٻاهران ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آزادي واري حق خاطر پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو، اڄ ڪشميري عوام جنهن عظيم جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، اها انهن ئي 22 شهيدن جي …
ڪشميري عوام جنهن عظيم جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيو آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي انهن 22 عظيم ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو جن 13 جولاءِ 1931ع تي سرينگر جيل ٻاهران ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آزادي واري حق خاطر پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو، اڄ ڪشميري عوام جنهن عظيم جدوجهد کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، اها انهن ئي 22 شهيدن جي قربانين جو تسلسل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري 13 جولاءِ تي يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته انهن شهيدن جي جانثاريءَ ڪشميري قوم جي دلين ۾ آزادي جي جيڪا شمع ٻاري، اها اڄ به روشن آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي بهادري، عزم ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جيڪي ڏهاڪن کان ڀارتي قبضي خلاف ڄمي بيٺا آهن ۽ پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکندا پيا اچن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير کي هڪ عسڪري قيدخانو بڻائي رکيو آهي جتي عدالت کان مٿانهان قتل، زبردستي گمشدگيون، سياسي قيد، آبادي جي شرح تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ۽ مسلمانن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جون منظم سازشون جاري آهن. صدر چيو ته اڄ اسان انهن شهيدن ۽ ٻين سمورن ڪشميرين کي سلام پيش ڪيون ٿا جن آزادي لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪيان ٿو ته هو والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو فوري نوٽيس وٺي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق خوداراديت وارو حق حاصل نٿو ٿئي.










