اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق 13 جولاءِ يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير هر سال 13 جولاءِ 1931ع جي انهن …
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي مسلمانن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق 13 جولاءِ يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير هر سال 13 جولاءِ 1931ع جي انهن 22 ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، جن ڄمون ڪشمير جي ڊوگره فورسز خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو، هي ڏينهن ڪشمير جي مسلمانن جي موروثي استقامت، سفاڪ قوتن خلاف مزاحمت ۽ پختي عزم جي ياد ڏياري ٿو. آزادي، انساني حقن ۽ ڪشميري حقن لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪرڻ جي جدوجهد ڪشمير جي پوري تاريخ ۾ برقرار رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪشميري عوام خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جائز جدوجهد لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت، ڀارتي غيرقانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي مسلمانن سان يڪجهتي ۽ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو اظهار ڪري ٿو. اسان انهن سمورن ڪشميري شهيدن جي بهادري ۽ عزم کي سلام پيش ڪيون ٿا جن ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل هندستاني قبضي دوران پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان حڪومت، گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪشمير جي مسئلي جي حل ۽ ڄمون ڪشمير جي خوداراديت واري حق جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.












