نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي فريم ورڪ معاهدي تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مُوجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر …

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان (يو اي پي) ريلوي منصوبي جي فريم ورڪ معاهدي تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مُوجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن چين جي شهر تيانجن ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٻيهر ملاقات تي پُڻ اتفاق ڪيو.