اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر اينڪر پرسن مهر بخاري جي والده ثمينه بخاري جي لاڏاڻي تي وڏي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سوگوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ثمينه بخاري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي وڏو ڏُک ٿيو آهي، ماءُ …
اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينئر اينڪر پرسن مهر بخاري جي والده جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار
اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر اينڪر پرسن مهر بخاري جي والده ثمينه بخاري جي لاڏاڻي تي وڏي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سوگوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ثمينه بخاري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي وڏو ڏُک ٿيو آهي، ماءُ جو لاڏاڻو هڪ اهڙو خال آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي، پوئينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيُون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.












