اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 13 جولاءِ 1931ع تي پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڊوگره راڄ جي بندوقن ۽ ڀارتي رياست جو تشدد ٻئي هڪ ئي ظلم جون مختلف صورتون آهن، يوم شهداءِ ڪشمير تجديد عهد جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري حق جو محافظ به آهي، علمبردار به آهي، …
وفاقي گهرو وزير پاران بهادر ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 13 جولاءِ 1931ع تي پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڊوگره راڄ جي بندوقن ۽ ڀارتي رياست جو تشدد ٻئي هڪ ئي ظلم جون مختلف صورتون آهن، يوم شهداءِ ڪشمير تجديد عهد جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري حق جو محافظ به آهي، علمبردار به آهي، ته ضامن به آهي. گهرو وزارت پاران جاري يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. هنن آذان جي احترام ۾ سينو تاڻي گولين جو مقابلو ڪيو، 22 ڪشميري شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ چيو ته 13 جولاءِ 1931ع مظلومن جي زبان بند ڪرڻ واري نظام خلاف حريت ڪشمير جي پهرين گهنٽي هئي. محسن نقوي چيو ته ڊوگره راڄ جي بندوقن ۽ ڀارتي رياستي دهشتگردي تشدد جون ٻه مختلف صورتون آهن. والاريل ڪشمير ۾ عقيدن، سڃاڻپ، راءِ ۽ مزاحمت کي رياستي طاقت سان ختم ڪرڻ انساني وقار جي توهين آهي. محسن نقوي چيو ته مودي سرڪار به ڊوگره راڄ وانگر ڪشميرين خلاف ظالماڻا قدم کڻي رهي آهي. ڀارتي رياستي پاليسي ڪشميري نوجوانن جي نسل ڪشي، عدالت کان مٿانهان قتل ۽ صحافين جي خاموشي سان انسانيت کي شرمائي رهي آهي. گهرو وزير چيو ته صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي واري تجويز امن جو دروازو کوليو، ڀارت انڪار ڪري اهو دروازو پاڻ بند ڪيو، هن چيو ته امن کان انڪار، ڀارت جي جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي. محسن نقوي چيو ته شهيدن جي رت سان اڀرندڙ آزادي جي پڪار کي بندوق، قيد يا ڪرفيو سان دٻائي نٿو سگهجي اها پڪار نسلن تائين زنده رهندي. يوم شهداءِ ڪشمير تجديد عهد جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري حق جو محافظ آهي.












