بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير حذيفه رحمان گلوبل سيولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ دنيا جي 140 ملڪن جي نمائندن، ملڪي سربراهن ۽ ثقافت جي وزيرن جي موجودگي ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي هن چين کي پاڪ چائنا ثقافتي ڪوريڊور شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڪالهه جاري ڪيل پريس بيان موجب ثقافت ۽ قومي ورثي واري …
پاڪستان جي گلوبل سيولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شاندار شرڪت، چين کي پاڪ چائنا ثقافتي راهداري شروع ڪرڻ جي دعوت

مزید خبریں
بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير حذيفه رحمان گلوبل سيولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ دنيا جي 140 ملڪن جي نمائندن، ملڪي سربراهن ۽ ثقافت جي وزيرن جي موجودگي ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي هن چين کي پاڪ چائنا ثقافتي ڪوريڊور شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڪالهه جاري ڪيل پريس بيان موجب ثقافت ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ ٿيل دنيا جي سڀ کان وڏي پهرين عالمي گلوبل سيولائيزيشن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن تاريخي اجلاس ۾ سڄي دنيا مان 140 ملڪن ۽ خطن جي 600 کان وڌيڪ نمائندن شرڪت ڪئي، جن ۾ روس، انڊونيشيا، ملائيشيا، بنگلاديش، جاپان، فرانس، سريلنڪا، بلغاريا ۽ ٻين اهم ملڪن جا ثقافت ۽ سياحت وارا وزير شامل هئا. ڪانفرنس ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي اعليٰ اڳواڻن، اڳوڻن صدرن، وزيراعظمن ۽ عالمي ٿنڪ ٽينڪس جي نمائندن به ڀرپور شرڪت ڪئي جن سان ان جي عالمي اهميت واضح ٿئي ٿي. حذيفه رحمان پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڀرپور انداز ۾ پاڪستان جو ڪيس پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته پاڪستان تهذيبن جي سرزمين آهي، وادي سنڌ، گنڌارا آرٽ، ٻڌمت جا آثار ۽ صوفي روايتن جو مرڪز آهي. هن عالمي برادري خاص ڪري چين کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان ۾ سياحت، تهذيبي تحقيق ۽ قومي ورثي جي بحالي ۾ سيڙپڪاري ۽ حصيداري ڪري. هتي تهذيب، ثقافت ۽ قومي ورثيکي هٿي ڏيڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان دنيا کي ڀليڪار چئون ٿا ته اهي اسان سان حصيدار ٿين ۽ پاڪستان جي تهذيبي روشني کي سڄي دنيا ۾ پکيڙين. حذيفه رحمان جي تقرير کي شرڪت ڪندڙن طرفان بي حد ساراهيو ويو، چيني قيادت بيهي کيس داد ڏنو ۽ ڪيترن ئي چيني صحافين، مبصرن کيس ينگ اينڊ هينڊسم اسٽيٽ منسٽر جو لقب ڏنو. هي پهريون موقعو آهي ته جو پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجي ثقافت، سياحت ۽ قومي ورثي کي ايترو فعال انداز ۾ پيش ڪيو، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڀارت طرفان ڪو به سينئر وزير يا نمائندو موجود نه هو جيڪو پاڪستان جي سفارتي ۽ ثقافتي پوزيشن جي ڪاميابي کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿو.











