وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاور سيڪٽر ۾ انتهائي ضروري سڌارن لاءِ وزارت جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاور سيڪٽر ۾ انتهائي ضروري سڌارن لاءِ وزارت جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعتماد ۽ ساراهه تي سندس ٿورو مڃيو. جاري بيان موجب هن چيو ته مان سڌارن جي ڪوششن لاءِ مسلسل اعتماد ۽ حمايت لاءِ وزيراعظم جو شڪرگذار آهيان. هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارن لاءِ …

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاور سيڪٽر ۾ انتهائي ضروري سڌارن لاءِ وزارت جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعتماد ۽ ساراهه تي سندس ٿورو مڃيو. جاري بيان موجب هن چيو ته مان سڌارن جي ڪوششن لاءِ مسلسل اعتماد ۽ حمايت لاءِ وزيراعظم جو شڪرگذار آهيان. هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارن لاءِ وزيراعظم پاران حوصلا افزائي انتهائي اهم آهي. هن پاور ڊويزن ۾ سڌارن کي ٻين وزارتن لاءِ رول ماڊل قرار ڏنو آهي. سردار اويس احمد لغاري چيو ته وزيراعظم پاور سيڪٽر جي نقصان ۾ 191 ارب روپين جي تاريخي گهٽتائي کي به ساراهيو.